ڌرتي دين ڌرم

ڌرتي دين ڌرم

ڌرتي دين ڌرم

ڌرتي دين ڌرم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري مزاحمتي ابراهيم منشيءَ جي انقلابي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ابراهيم منشيءَ جا ڪيترائي مشھور نظم، گيت، غزل، بيت، چو سٽا، ٽه سٽا ۽ وايون شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ايم. ايم. سٺيو لکيو آهي. ڪتاب ۾ ’اسان انقلابي‘، ’ڪيئن سهندين سور او ساٿي‘، ’انقلاب‘، ’درياھہ سان سوال‘، ’درياھہ جو جواب‘، ’لطيف در دانهن‘، ’ويڪائو‘، ’وڏيرا‘، ’ديس دروهي‘، ’ڌرتي دين ڌرم‘، ’منهنجي ڌرتي‘، ’روپا ماڙي‘، ’ٽوڙهي سانھہ‘، ’وڳھہ جا وريام‘ جھڙا مشھور گيت ۽ نظم وغيرہ شامل آهن. 160 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي پڪي واري هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو