ڌرتيءَ جو شهيد

ڌرتيءَ جو شهيد

ڌرتيءَ جو شھيد

ڌرتيءَ جو شھيد (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي قومي ڪارڪن شھيد سميع ڪلهوڙي جي المناڪ شهادت ۽ شخصيت بابت مختلف ليکڪن، قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مضمونن ۽ تاثراتن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب ميهڙ جو نوجوان ليکڪ ۽ صحافي انور ڪانڌڙو'>آزاد انور ڪانڌڙو آهي. ڪتاب ۾ ٽارچر سيل مان سميع جو پنھنجي ونيءَ کي لکيل آخري خط بہ ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ قومي دانشور عبدالواحد آريسر لکيو آهي. ان کانسواءِ ان ۾ ڪيترن قومي ڪارڪنن، صحافين جا مضمون، تاثر ۽ اخبارن جا ايڊيٽوريل وغيرہ شامل آهن. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن 320 صفحن جي ڪتاب کي 2005ع ۾ ميهڙ آواز پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جي قميت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو