ڌاڃورو: ڌاڃورو، ڍانڍي گاھہ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي پاڙ ۾ گول، ڪارا ۽ خوشبودار داڻا ٿين ٿا، جيڪي ڏُٿ طور ڪم ايندا آهن. انهن داڻن کي خاص طرح تتر کوٽي کائيندا آهن. هيءَ گاھہ سنڌ جي ڍنڍن ۾ بہ عام جام ٿيندو آهي.