ڌامراهو، عبدالرحمان، مولانا: جيد عالم، مولانا عبدالرحمان ولد عنايت ﷲ ڌامراهي جو جنم 27 رجب 1268ھہ/ 17 مئي 1852ع تي ڳوٺ ڌامراھہ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ هارپو ڪيائين. ٻارهين ورهين جي عمر ۾ مشھور عالم عبدالله بنگل ديرائيءَ (1932ع/1840ع) وٽ ۽ فارسيءَ جي تعليم پڙهڻ ويٺو. ڪجهہ تعليم گهوٽڪيءَ مان مولانا قمر الدين وٽ پڙهيو، بعد ۾ مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ همايونيءَ وٽ فارغ التحصيل ٿيو ۽ دستار فضيلت ٻڌائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد درس ۽ تدريس جو پيشو اختيار ڪيائين. پنجويھہ ورهيہ پير ڳوٺ ۾ ديني فيصلن ۽ فتوائن جو ڪم ڪيائين. پير پاڳاري صبغت ﷲ شاھہ جو مٿس ڪافي راز هو. سندس وفات بعد واپس ڳوٺ اچي مدرسو تعمير ڪرائي درس ۽ تدريس شروع ڪيائين. کيس ديني مسئلن ۽ فقهي معاملن تي دسترس حاصل هئي. سندس شھرت ۽ قابليت کي ڏسي کيس بلوچستان جي مکيہ جرڳي جي سردارن ڪوئيٽا ۾ گهرايو ۽ کيس ديني فتوائن لاءِ جرڳي ۾ شامل ڪيو ويو. مولانا عبدالرحمان ڌامراهي ديني تصنيفات جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان فارسيءَ ۾ ’فتويٰ رحماني‘ سندس قابليت ۽ علميت جو مظهر آهي. هن وٽ هڪ مثالي ڪتب خانو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا چونڊ ڪتاب هئا. سندس لائبرريءَ ۾ فقھ ۽ منطق تي ناياب قلمي نسخا پڻ موجود هئا. 1307ھہ/1889ع ۾ بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ شريف تان موٽندي ڪيترا عربيءَ جا ناياب ڪتاب آندائين. سندس لائبرريءَ ۾ ٽن هزارن کان بہ وڌيڪ ڪتاب موجود هئا، جيڪي سندس وفات بعد ضايع ٿي ويا. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران سنڌ ۾ ڪالرا جي بيماري پکڙي تہ ان وگهي، 11 صفر 1348ھہ/ 10 جون 1900ع تي وفات ڪيائين. سندس جوڙايل جامع مسجد اڄ بہ موجود آهي.
1852.05.17 عيسوي
جيد عالم، مولانا عبدالرحمان ولد عنايت الله ڌامراهي جو جنم 27 رجب 1268هه/ 17 مئي 1852ع تي ڳوٺ ڌامراهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
1900.06.10 عيسوي
مولانا عبدالرحمان 11 صفر 1348هه/ 10 جون 1900ع تي وفات ڪئي