ڌاريجو، علي حسن

ڌاريجو، علي حسن

ڌاريجو علي حسن

ڌاريجو، علي حسن: نامور اديب، صحافي، حڪيم علي حسن ولد محمد عثمان ڌاريجو 9 جون 1915ع تي ڳوٺ پير راڄن شاھہ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ڦل پرائمري اسڪول مان ورتي ۽ سنڌي فائنل بہ اتان ئي ڪيائين. 1938ع ڌاري حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ پڙهڻ ويو، جتي ٽي سال ڪورس پڙهيو. ڪاليج مان تعليم پوري ڪرڻ بعد پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو، جتان پوءِ کيس ڳوٺ جي اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو، جتي 1949ع کان 1951ع تائين رهيو. لاڙڪاڻي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ هيڊماستر ۽ تعلقي ماستر ٿي رهيو. رٽائر ٿيڻ بعد وري کيس ايڪسٽينشن مليو تہ کيس غيبي ديري جي گرلس اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. 1949ع ۾ ايمپائر روڊ لاڙڪاڻي ۾ دواخانو کوليائين. هن حڪمت ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. پراڻن زخمن ۽ خراب ٿي ويل ڦٽن جي علاج ۾ خاص مهارت رکندو هو. يوناني علاج سان گڏ انگريزي دوائن جي بہ سٺي ڄاڻ هئس. 1952ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ پريس لڳرائي هفتيوار اخبار ’مرتضيٰ‘ ۽ ٻارڙن جو ماهوار رسالو ’مرتضيٰ‘ جاري ڪيائين. لاڙڪاڻي سميت پوريءَ سنڌ ۾ سندس ڪيترا شاگرد مشھور آهن.
علي حسن ڌاريجي جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’ليلا چنيسر‘، (2) ’عمر مارئي‘، (3) ’سسئي پنھون‘، (4) ’گل بڪاولي‘، (5) ’ٽي شهزاديون‘، (6) ’عجيب هنر‘ (ٻہ ڀاڱا)، (7) ’نور هدايت مؤلف‘ (قرآن ڪريم سنڌيءَ ۾)، (8) ’دلي ڪنهن نہ جهلي عرف شيطان جي ناني‘، (8) ’ملا دو پيازو‘، (9) ’حضرت ابراهيمعه‘، (10) ’حضرت علي عه‘، (11) ’حضرت آدمعه‘ ۽ ٻيا بہ ڪيترائي مختلف مضمونن جا رهبر وغيرہ قابل ذڪر آهن.
حڪيم علي حسن ڌاريجي 11 ڊسمبر 1977ع تي وفات ڪئي. سندس فرزند ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو سنڌ جو نامور اديب آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زولاجي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمئن رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.06.09  عيسوي

نامور اديب، صحافي، حڪيم علي حسن ولد محمد عثمان ڌاريجو 9 جون 1915ع تي ڳوٺ پير راڄن شاهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.


1977.12.11  عيسوي

حڪيم علي حسن ڌاريجي 11 ڊسمبر 1977ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مدد علي سنڌي
ضياء شڪيل احمد
ڪاشف حسين سومرو
سيد محمود شاھہ بخاري ڊاڪٽر
جميلا هاشمي 1
اشفاق انصاري
چنا سليم
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
حاجي محمود ’خادم‘
علي راز شر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون