
ڌائي/ الهوڌائي
ڌائي/ الهوڌائي (لوڪ گائڪا): ٻائي ڌائي عرف مائي الهوڌائيءَ جو جنم 1945ع ڌاري ڳوٺ حويلي ٺڪر، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. ٻائي ڌائيءَ 14 ورهين جي عمر کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. هن گائڪيءَ جي سکيا پنھنجي ماءُ کنڊ ٻائيءَ کان ورتي. ٻائي ڌائي ڳائڻ جي شروعات درگاھہ کاروڙي سيد (عمرڪوٽ) کان ڪئي. هن خاص ڪري مارواڙي لوڪ گيت ڳاتا آهن، جيڪي ٿر ۽ عمرڪوٽ جي علائقن ۾ گهڻي شوق سان ٻُڌا وڃن ٿا. ٻائي ڌائيءَ جون 20 کان مٿي مارواڙي لوڪ گيتن جون ڪيسيٽون رليز ٿي چڪيون آهن. سندس مشھور لوڪ گيتن ۾: ’هالو سهيلڙيان پاڻي نان هالان‘، ’پکي وڻجهاران ري لي هالو گجرات‘، ’ڏورو‘، ’آءٌ جي اباڻي وڃان‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان سواءِ قلندر لعل شھباز ڪانفرنس ۾ سندس ڳايل ڌمال ’حق قلندر، مرشد قلندر‘ تمام گهڻي شھرت ماڻي. هن ثقافت کاتي جي هڪ پروگرام ۾ ڳايو هو، جنهن ۾ جسونت سنگهہ پڻ شرڪت ڪئي هئي.ريڊيو تي ڳائڻ جي شروعات 2009ع کان نصير مرزا جي سرپرستيءَ ۾ ’بڇوڙو‘ مارواڙي گيت رڪارڊ ڪرائي ڪيائين. پي. ٽي. وي تي 2010ع ۾ ’سُر ورکا‘ پروگرام کان سواءِ ’محفل شب‘ پروگرام ڪيائين. سنڌي نجي چئنلن تي ڪيترائي مشھور لوڪ گيت ڳايا اٿس. ڪي. ٽي. اين جي هڪ ڊراما سيريل جو ٽائٽل گانو ’بالميو نهين آيو‘ هن جو ڳايل آهي. اسلام آباد ۾ لوڪ ورثي وارن سندس ڪيترا گيت رڪارڊ ڪيا آهن. هن پي. ٽي. وي (نيشنل) تي ڪافي پروگرام ڪيا آهن.
ٻائي ڌائي درگاھہ کاروڙي سيد جي خاص چوڪي ڏيندڙ گائڪا آهي. کيس چار پٽ ۽ ٻہ نياڻيون آهن. هن وقت عمرڪوٽ شھر ۾ رهائش پذير آهي.