ڊھہ (ديھہ): ڪراچيءَ جي هڪ ديھہ، سمند جي ڪناري ۽ ملير نئن سان لڳ هئڻ ڪري هن ديھہ ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن. واري گهڻي هجڻ ڪري هن ديھہ تي ’ڊھہ‘ نالو پيو آهي. هاڻوڪي قيوم آباد چورنگيءَ کان وٺـي ڪورنگي ڪريڪ ملير نئن جي ڇوڙ تائين وارو علائقو هن ديھہ ۾ شامل آهي. آئل ريفائنري فيڪٽري، ڀٽائي ڪالوني، بنگالين جون ڪچيون آباديون، چڪرا ڳوٺ بہ هن ديھہ ۾ اچي وڃن ٿا.