ڊڀ2: مختلف ٻوٽين کي پينهين سنهو ڪري، اکين جي بيماريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ طب جي دوا کي ڊڀ چئبو آهي. ڊڀ ۾ گلاب جو پاڻي، چوڙ، ليمي جي رس وغيرہ استعمال ٿيندا آهن، پر هاڻي طبيب اهو ڊڀ استعمال ڪو نہ ٿا ڪرائين. هن وقت ايلوپيٿيءَ ۾ مختلف پاڻياٺ ۽ ڪريم وانگر ٺهيل ڊڀ اچن ٿا، جيڪي اک جي بيمارين ۾ استعمال ٿيندا آهن.