ڊيڪارٽ

ڊيڪارٽ

ڊيڪارٽ

ڊيڪارٽ (Dekart): مشھور فلسفي ريني ڊيڪارٽ 31 مارچ 1596ع تي فرانس ۾ ڄائو. هن جا فلسفي تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. سندس جڳ مشھور چوڻيون آهن تہ:
(1) I think therefore I am (مان سوچيان ٿو، انهيءَ ڪري مان آهيان.)
(2) ’منهنجو اِهو شڪ تہ مان آهيان يا ناهيان ئي ثابت ڪري ٿو تہ مان هڪ شڪي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ موجود آهيان.‘
ڊيڪارٽ کي نمونيا ٿي پئي هئي. ان ڪري هن مشھور فلاسافر ڏانهن راڻيءَ هڪ جرمن ڊاڪٽر موڪليو، پر ڊيڪارٽ ان تي اعتبار نہ ڪيو، جڏهن ڊاڪٽر کيس چيو تہ سندس رت جي سيرَ ڪڍي وڃي، تہ هن جواب ڏنو، ”توکي فرينچ رت جي هڪ ڦڙي ڪڍڻ جي بہ اجازت نہ آهي“، پر آخر ۾ هن کيس اجازت ڏني، جيتوڻيڪ تمام گهڻي دير ٿي وئي هئي، جڏهن هو اکيون ٻوٽي رهيو هو، تڏهن هن ڊاڪٽر کان پڇيو ته، ”ڪهرو وقت ٿيو آهي؟“ ڊاڪٽر جواب ڏنو، ”صبح جا چار ٿيا آهن“، ڊيڪارٽ اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيائين، ”هي روح جي وڃڻ جو وقت آهي، مان تہ هڪ زندھہ روح آهيان، سچ جي تلاش ۾ آهيان“.
هن 11 فيبروري 1650ع تي اسٽاڪ هوم، سويڊن ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڊيڪارٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1596.03.21  عيسوي

مشهور فلسفي ريني ڊيڪارٽ 31 مارچ 1596ع تي فرانس ۾ ڄائو.


1652.02.11  عيسوي

هن 11 فيبروري 1650ع تي اسٽاڪ هوم، سويڊن ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سحر گل ڊاڪٽر
عنايت ﷲ عباسي
شمشير خان اوزبڪ
آغا حسن علي
ادريس جتوئي
بشير احمد
چاڻڪيه
مخدوم عبدالغفور سيوستاني
هري لال ڀاڳيا
جهمٽ مل ٽلواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون