ڊينگي مڇر

ڊينگي مڇر

ڊينگي مڇر

ڊينگي مڇر: ڊينگي بخار جو مڇر فليو ويرائيڊاءِ Falviviridae ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو، جنهن ڪٽنب ۾ ٻن قسمن جا مڇر ڊينگي بخار جا ڪارڻ بڻجن ٿا. هڪ جو نالو ايڊيز آئيجائيپٽي (Ades Aegypti) ۽ ٻئي جو نالو ايڊيز البوپڪٽس Ades Albopictus آهي، پر سڀ کان وڌيڪ هن بخار جو ڪارڻ ايڊيز آئيجائپٽي آهي. هي مڇر دنيا جي سمورن مڇرن کان وڌيڪ مهلڪ ۽ نقصان پهچائيندڙ آهي. هي مڇر بدني بناوت جي لحاظ کان آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو. هي مڇر قد ۾ ڊگهو، جسم ۾ ڀريل ۽ ان جي پٺيءَ تي ڪارا دٻڪ ٿين ٿا. ان ڪري ڪيترن ملڪن ۾ هن مڇر کي چيتو مڇر Tiger Mosquito بہ چيو وڃي ٿو. هي ڏسڻ ۾ ڀوائتو ۽ چڪ پائڻ ۾ ڦڙتيلو آهي.
مليريا جي مڇر وانگر انسان تي حملو مادي مڇر ڪري ٿي. هن مڇر جي چڪ پائڻ کانپوءِ ڊينگي بخار جو اهو ساڳيو طريقو آهي، يعني انساني رت مڇر جي رت جي ناڙين وسيلي مڇر جي جيري ۾ پهچي ٿو، چئن کان پنجن ڏينهن اندر هي رت روڳي Infectius بڻجي وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڊينگي جا هزارين جيوڙا جنم وٺن ٿا. پوءِ روڳي رت مڇر جي معدي ۽ پوءِ لعابدار غدودن (Salivery Glands) ۾ پهچي ٿو. ان بعد مڇر جي چڪ پائڻ سان لعابدار غدودن مان اهو روڳي رت انساني جسم ۾ داخل ٿي ڊينگيءَ جو بخار ڪري وجهي ٿو.
ڊينگي مڇر سوجهري ۾ صبح جو 6 وڳي کان 9 وڳي اندر ۽ شام جو 4 وڳي کان سج لٿي کان اڳ حملو ڪري ٿو.
(الف) مڇر جي پرورش جي جاءِ: ڊينگي مڇر کي پرورش لاءِ تمام ٿوري جاءِ، تازو ۽ صاف پاڻي، تازي هوا ۽ ڏينهن جي روشني گهرجي. هن مڇر جي رهڻ لاءِ ڪنهن سڪي جيتري پاڻيءَ جو دٻو ڪافي آهي. هيءُ مڇر شهرن ۾ پاڻيءَ جي خالي دٻن، خالي بوتلن، پراڻن نلڪن. بنگلن ۽ گهرن جي زميني ٽانڪين، پلاسٽڪ ۽ ڌاتوءَ مان ٺهيل پاڻيءَ جي ٽانڪين، گلن جي ڪونڊين، ڀتين، سينگار، گهرن ۾ ٽنگيل گلدستن ۽ برسات جي تازي گڏ ٿيل پاڻيءَ ۾ رهي ۽ واڌ ويجهه ڪري ٿو.
ٻھراڙيءَ جي مقابلي ۾ شهرن ۾ هن مڇر جي وڌيڪ پرورش ٿئي ٿي. ٻھراڙيءَ ۾ رڳو اهي ماڻهو هن مڇر جو شڪار ٿين ٿا، جن جا گهر واهن جي ڪپن، کوهن ۽ تازي پاڻيءَ جي ويجهو آهن. سرديءَ جي مقابلي ۾ گرميءَ جي موسم ۾ هن مڇر جي واڌ ويجهه گهڻي ٿئي ٿي. ان ڪري هي بخار سرديءَ جي ڀيٽ ۾ گرميءَ ۾ گهڻو ٿيندو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ڊينگي بخار)


لفظ ڊينگي مڇرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو