ڊوم لڪڻو پکي

ڊوم لڪڻو پکي

ڊوم لڪڻو پکي

ڊوم، لڪڻو پکي Common Snipe/ Capella gallinago, Gallinago gallinago) : سينٽي ميٽر (10 انچ) جسامت واري هن ننڍڙي پکيءَ جا نر مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. هن پکيءَ جي پٺيءَ جو رنگ گهرو ناسي ٿيندو آهي، جنهن تي هلڪي رنگ جا لينگها ٿين ٿا. هن جي مٿي تي هلڪيون ليڪون ٿين ٿيون. پڇ ننڍڙو ٿئي، اڍائي انچ ڊگهي استوائي چهنب ٿئي ٿي، جيڪا هن پکيءَ جي قدبت جي ڀيٽ ۾ گهڻي وڏي آهي، جنهن سان نرم زمين کوٽي جيت ۽ ڪينئان ڳوليندو آهي. ننڍڙي گاھہ ۾ ڪيمو فلاج ڪندو آهي، خطري مھل مٿي وڪڙ سڪڙ واري اڏام اڏندو آهي. هن جي ٻچن جي چهنب ننڍي هوندي آهي. ان ڪري ان کي ڪينئان ڳولي کارائيندا آهن. هي پکي پير سان زمين کرڙي آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ ان ۾ گاھہ رکندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو