
ڊهندڙ ليڪا
ڊهندڙ ليڪا (ڪتاب): مشھور ڪهاڻيڪار رزاق مھر جي ڪهاڻين جو هي ٻيو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ رزاق مھر جون يارهن ڪهاڻيون: آڙاھہ، اجهل هوا، اوندھہ پٺيان سوجهرو، تڏي تي ويٺل ماڻهو، پيڙيل وجود، پروٽوڪول، ميران مئي کان پوءِ، عقيدو، ترورا، ڊهندڙ ليڪا، نظر انداز ٿيل احساس- شامل آهن. هيءُ ڪتاب رزاق مھر جي فرزند آصف جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن کي محمد علي ماجد، ڪاڇي پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران جولاءِ 2009ع ۾ ڇپايو آهي. ڊيمي سائيز جي 97 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.