ڊنءُ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ۾ گوزي شھر کان اوڀر طرف آهي. هيءَ ڍنڍ خيرپور ناٿن شاھہ تعلقي جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ تمام گهڻي مڇي ٿيندي هئي، جيڪا سنڌ کان ٻاهر بہ ويندي هئي، هيءَ ڍنڍ هاڻي باقي وڃي ڍوري جي صورت ۾ وڃي بچي آهي.