ڊزني لينڊ

ڊزني لينڊ

ڊزني لينڊ

ڊزني لينڊ (Disney Land): هيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي تفريح گاھہ، آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ آهي، جنهن کي والٽ ڊزنيءَ تعمير ڪرايو. هي تفريح گاھہ 17 جنوري 1955ع تي جڙي راس ٿيو ۽ بعد ۾ عوام جي سير ۽ تفريح لاءِ کوليو ويو. هن قسم جون تفريح گاهون بعد ۾ فلوريڊا رياست، جپان ۽ يورپ ۾ بہ تعمير ٿيون، پر هن پارڪ جي حيثيت ۽ اهميت برقرار رهي. هن پارڪ ۾ خاندانن جي سهولت لاءِ بيبي ڪيئر سينٽر، ڪُتن لاءِ ڪيٽل ۽ ريسٽ روم موجود آهن. ڊزني لينڊ ۾ گهمڻ لاءِ گهربل ٽڪيٽ کي پاسپورٽ سڏيندا آهن. ٻن ۽ ٽن ڏينهن لاءِ گهربل پاسپورٽ ۽ سٺ سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ اگهن ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي. هن پارڪ ۾ عجائبات جو تعداد تمام وڏو آهي. هي پارڪ ستن مکيہ ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڊزني لينڊ ريلوي ۾ ڏيڍ ميل چڪر ڏياريو ويندو آهي، جيڪا سمورن ستن ڀاڱن جو نظارو ڏيکاري ٿي. پارڪ جي هر ڀاڱي ۾ ڪيترائي موسيقار، بازيگر موجود هوندا آهن. ڪافي ريسٽورينٽ بہ آهن، جتي هر قسم جو کاڌو موجود هوندو آهي. هن پارڪ ۾ سير جي شروعات يو. ايس. اي نالي مکيہ اسٽريٽ کان ٿئي ٿي. هن پارڪ جي پهرئين ڀاڱي کي ’ايڊوينچر لينڊ‘ سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ پاڻيءَ جا ڪيترا واھہ ۽ تلاءَ آهن، جن ۾ تراکڙين ٻيڙين ۾ هٿرادو نموني ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي مختلف تفريح گاهن جا نظارا ڪرايا ويندا آهن. پارڪ جي ٻئي ڀاڱي کي ڪرئيٽر ڪنٽري سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ اتر اولھہ جي جهنگن جي طرز تي گهاٽا جهنگل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن جي وچ ۾ ننڍڙا واهڙ بہ موجود آهن. هتي جهنگلن ۾ رڇ ۽ ٻين جانورن کي ڪرتب ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو. هن جهنگل ۾ وهندڙ واهڙن ۾ وڻن جي ٿڙن مان ٺهيل ننڍيون ٻيڙيون ترندڙ آهن، جن تي چڙهي ماڻهو هن ڀاڱي جو سير ڪري سگهي ٿو. پارڪ جي ٽئين ڀاڱي کي ’فينٽاسي لينڊ‘ سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ ڊزني اسٽوڊيو ۾ ٺهيل فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون، جن ۾ اوڻهين صديءَ دوران انگلنڊ جي سماجي صورتحال هڪ مخصوص انداز ۾ پيش ڪيل آهي. جھڙوڪ: ميڊ هيئر واري چانھہ پارٽي، مسٽر ٿوڊ واري جهنگلي سواري، بيوسٽيءَ وارو کيل وغيره، تنهن کان سواءِ وائيٽ نڪل ٽرپ مزيدار راند آهي، جنهن ۾ هڪ ننڍڙي گاڏيءَ ۾ ماڻهو سوار آهن. هتي هڪڙي ٽرين ۾ هڪڙو سرڪس گهمايو وڃي ٿو. جنهن ۾ ٽن سوئرن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن ۽ ٻيون بہ ڪيتريون مزيدار شيون ڏيکارين ٿا. پارڪ جي چوٿين ڀاڱي کي فرنٽيئر لينڊ سڏين ٿا. هن ڀاڱي ۾ قديم مغربي دنيا کي مخصوص انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هتي آمريڪي ندي ميسيسيپي جو نقل ٺاهي منجهس مارڪ ٽوئن ۽ ڪولمبيا نالي جهازن جو سفر ڏيکارين ٿا. ماڻهو انهن جهازن تي چڙهي ۽ گهمي سگهن ٿا. مين اسٽريٽ يو. ايس. اي نالي واري ڀاڱي ۾ اوڻهين صديءَ واري آمريڪي صورتحال ڏيکاري وئي آهي. هتي فقط ٽانگا ۽ بگيون هلايون وڃن ٿيون. هتي سينيما اوپيرا هائوس ۽ ٻارن جي رانديڪن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جا دڪان بہ آهن. اوپيرا هائوس ۾ هڪ شو ڏيکارين ٿا، جنهن جو نالو ’مسٽر لنڪن سان گڏ گذاريل عظيم لمحا‘ آهي. انهيءَ ۾ آمريڪي صدر ابراهام لنڪن آمريڪي تاريخ تي ليڪچر ڏيندو آهي. هتي جنن ڀوتن جو آستان بہ ڏيکاريو وڃي ٿو. پارڪ جي ستين ڀاڱي جو نالو ’ٽومارو لينڊ‘ آهي. هن ڀاڱي ۾ سائنسي ڪرتب ۽ ڪرشما ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي خلائي سفر، سيارن جو سير ۽ سمنڊ اندر آبدوزن وسيلي سفر جون فلمون ۽ جهلڪيون ڏيکارين ٿا. سج لھڻ کان پوءِ هتي رنگ برنگي دلڪش ڏيک نظر ايندو آهي. هتي تمام گهڻا ماڻهو تفريح لاءِ ايندا آهن.


لفظ ڊزني لينڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.01.17  عيسوي

هيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي تفريح گاهه، آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ آهي، جنهن کي والٽ ڊزنيءَ تعمير ڪرايو. هي تفريح گاهه 17 جنوري 1955ع تي جڙي راس ٿيو ۽ بعد ۾ عوام جي سير ۽ تفريح لاءِ کوليو ويو.



جاگرافي ۽ ماڳ مڪان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌونڪ ماٿري گاجي شاھہ واري واهِي
خان واهي وارو ٺل
راوڙ2
پتڻ جي ماڙي
جمن شاھہ جَتيءَ جو مقبرو
طالب سمي وارو ماڳ ۽ مسجد
راج ڳڙھہ
دنب سادات
سائيٽ نمبر
بٺي ٿاڻو عارب
جاگرافي ۽ ماڳ مڪان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون