ڊرگ روڊ

ڊرگ روڊ: ڊرگ روڊ جي ريلوي اسٽيشن ڪراچيءَ ۾ آهي، جيڪا شروع ۾ ڪراچيءَ کان 19 ڪلوميٽر پري هئي. اها شروعاتي اسٽيشن هاڻي ڪراچي شھر جي حدن ۾ ديھہ ڊرگ ۾ آهي. هي ڪراچيءَ جي هڪ مشھور شاهراھہ جو پراڻو نالو آهي، جنهن کي گهاري وارو گس پوءِ ڊرگ روڊ سڏيو ويو ۽ اُن جو هاڻوڪو نالو شاهراھہ فيصل آهي. ڊرگهہ ديھہ جون حدون ناٿا خان پنهور ڳوٺ کان شروع ٿي ريلوي لائين جي ڪناري سان هلندي گسري تائين وڃن ٿيون. ٻئي پاسي هن ديھہ جون حدون ملير نئن جي ساڄي ڪپ کان جناح اسپتال ويجهو گورا قبرستان تائين آهن. پهرئين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ هن ديھہ جي حدن کي فوجي علائقي ۾ تبديل ڪيو ويو. 1940ع ۾ قائم ڳوٺن کي اٿاريو ويو. ناٿا خان ڳوٺ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن لڳ نقشي ۾ هڪ پوچ ويم گهر ۽ پوليس لائين ڏيکاريل آهن، جيڪي اڄ بہ موجود آهن. هڪ آبادي ڊرگ ڪالونيءَ نالي بہ آهي. هڪ انگريز فوجي آفيسر ڊرگ جي نالي پويان هن ديھہ ۽ رستي جو نالو ڊرگ روڊ رکيو ويو هو.


لفظ ڊرگ روڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو