ڊرينهه/ڊرنءَ

ڊرينهه/ڊرنءَ

ڊرينھہ ڊرنءَ

ڊرينھہ/ڊرنءَ: اڇڙي ٿر جي ڊرينھہ وارو حصو، خوبصورت، عجيب ۽ غريب طلسماتي ڏيک ڏيندڙ آهي. هي اڇڙي ٿر ۾ سفيد واريءَ جي ڀٽن جي شڪل ۾ هڪ اڀريل سفيد ۽ اڇين ڀٽن جي قطار آهي، جنهن کي مقامي لوڪ ڊرئين/ ڊرينھہ/ ڊرنءَ ڪري سڏن. ڊرينھہ جو هي سلسلو، چولستان کان شروع ٿي، کپري تعلقي جي راڻي هوتڙ کان ڏکڻ پاسي کان گذرندو، عمرڪوٽ ضلعي جي حدن اندر باقي ٿر سان وڃي ملي ٿو. ڊرينھہ ڪٿي هندستان جي سرحد ۾ بہ داخل ٿي وڃي ٿي. هن جي ويڪر مختلف هنڌن تي پنجن ڪلوميٽرن تائين بہ وڃي پهچي ٿي. هيءُ اوچائيءَ ۾ ٽن سؤ فوٽن تائين آهي.
چون ٿا تہ قديم زماني ۾ سرسوتي نديءَ جو وهڪرو گذرندو هو، پر پوءِ اهو پنهنجو وهڪرو وساري ويو، جنهن بعد سرسوتيءَ جي ان پيٽ، اڇي واريءَ جي دڙن، ڊرينھہ جو روپ اختيار ڪيو. ڊرينھہ جي واري سنهي ۽ داڻيدار آهي. ان ۾ Silt ۽ Clay جو تعداد تمام گهٽ آهي. ان ڪري سولائيءَ سان هوا جي ڪري اڏي ٻئي هنڌ وڃي ساڳيءَ ريت ڀٽ ٺاهي ٿي. پهريائين ڀٽ، ڏکڻ طرف هوندي. جي ڏاکڻي هوا شروع ٿيندي تہ ڪجهہ ڏينهن ۾ اها ڀٽ ڏکڻ مان پٽجي، اتر طرف نئين ڀٽ (ڊرينھہ) ٺھي پوندي. سردين جي مند ۾ وري اتر جون ٿڌيون تيز هوائون شروع ٿينديون تہ ساڳيون ڀٽون اتر کان ويڙهجڻ شروع ٿينديون ۽ سندس ڀرسان ڏاکڻي پاسي نيون ڀٽون نروار ٿي وينديون.
ڊرينهن واري علائقي ۾ رات جي وقت جڏهن تيز هوا لڳي ٿي تہ ڊرينھہ مان، هڪ عجيب آواز چوڦير گونجي ٿو، جيڪو واريءَ کي پنھنجي طاقت جي زور سان گهلڻ شروع ڪندو آهي. واريءَ جي ان وهڪري ۾ وهڻ ڪري اهڙا پراسرار گهوگهٽ ٿين ٿا، جيئن درياھہ جي پاڻيءَ ۾ ڦيريدار ڪُن ٿيندا آهن، جيئنڪن جي پاسن کان پاڻي گول دائري ۾ لاٽونءَ وانگر گهمندو آهي، وچ ۾ اونهائي ۽ خال هوندو آهي. تيئن هن ڊرينھہ ۾ بہ ڪُن ٿيندا آهن، جيڪي پاڻيءَ وانگر گول ڦرندا تہ نہ آهن، پر هڪ هنڌ بيٺل نظر ايندا آهن، جيڪي هوا گهلڻ ڪري، گهڻو ڪري گول يا بيضوي شڪل تہ ڪڏهن ٻي ڪا شڪل اختيار ڪندا آهن. انهيءَ مھل ڪن ڀٽن جي ڪُن مٿان، هوا ۾ واري هلڪي دونهين وانگر ٻاهر نڪرندي نظر ايندي آهي. هڪ خيال اهو آهي تہ ڊرينھہ جي واري سفيد هئڻ ڪري ئي هن علائقي تي ’اڇڙو ٿر‘ نالو پيو آهي. ڊرينھہ جي ڀٽ تي سڌو سنئون چڙهڻ تمام مشڪل آهي. سڌو مٿي چڙهڻ سان ٽنگون گوڏن تائين نرم واريءَ ۾ لھي وڃن ٿيون. واريءَ مان پيرن کي ڇڏائي هلڻ تمام ڏکيو عمل آهي. ان صورتحال ۾ انسان تہ پري رهيو، پر اٺ يا ڪو ٻيو جانور بہ مٿي پهچي نہ سگهندو. ان ڪري اڪثر سولائيءَ واري پاسي کان ۽ پاسيرو ٿي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. ڊرينھہ جي پاڙ مان ڪجهہ واري پري ڪبي تہ اها ڀٽ مٿان چوٽيءَ کان پاڙ تائين پاڻيءَ وانگر وهڻ شروع ڪندي.
ڊرينھہ يا اڇڙي ٿر جون اڪثر ڍنڍون کاريون ٿين ٿيون، پر ٻاهران سم جو مٺو پاڻي انهن ڍنڍن ۾ پوڻ ڪري ڪن ڍنڍن جو پاڻي انسانن جي استعمال لائق بڻجي وڃي ٿو، پر هونئن بہ ڊرينھہ جي آسپاس سدائين پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي ڪري اتي انساني آبادي گهڻي آهي. هن علائقي ۾ پاڻيءَ تس، تڙ ۽ نلڪن ذريعي ملي ٿو. جيڪڏهن ڪافي عرصي تائين مينهن هن پاسي منهن نہ ڪري، پوءِ بہ پاڻي ڊرينھہ جي انهن پاسراٽين ۾ موجود هوندو آهي، ان پوسريل جوءِ ۾ هميشہ وڏي وڻڪار رهي ٿي. هونئن بہ ڊرينھہ ڀرسان پيدا ٿيندڙ ڪانهن، سر يا ڪل (گاھہ جو قسم) جي پاسي ۾ هٿ سان فوٽ کن واري هٽائي، کڏو ڪبو تہ ٿوري دير ۾ اهو کڏو پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو. اهو پاڻي مٺو ۽ پيئڻ لائق هوندو. مقامي لوڪ ان کي ’تس‘ يا ’اوڪاري‘ چون. ان کانسوءِ ڊرينھہ يا اڇڙي ٿر جي پاسي، پيدا ٿيندڙ، ٻوٽي هڪ گاھہ جي شڪل ۾ ڇٻر وانگر زمين تي پکڙيل هوندي آهي. انهيءَ گاھہ جي ويجهو، کوٽاڙي سان مٺو پاڻي نڪرندو. انهيءَ ٻوٽي جي پاڙن ۾ ڪا اهڙي خاصيت آهي، جيڪو ٻاڙي پاڻي کي بہ مٺو بڻائي ٿو. ان ٻوٽي جو مقامي نالو ’ڪيهوري‘ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو