ڊاڪٽر ڊيوئارٽ

ڊاڪٽر ڊيوئارٽ

ڊاڪٽر ڊيوئارٽ

ڊاڪٽر ڊيوئارٽ: ڊاڪٽر ائڊرين ڊيوئارٽ (Dr. Adrian Duarte) مشھور تعليمدان ۽ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال، 1 مارچ 1896ع تي ڌارواڙ (انڊيا) ۾ ڄائو هو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ انفسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان 1921ع ۾ تاريخ جي مضمون ۾ ايم. اي (M. A History) ڪئي. 1932ع ۾ يونيورسٽي آف پئرس مان ڊاڪٽر آف لٽريچر (D. Lit) جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر ڊيوئارٽ کي سنڌ حڪومت 1943ع ۽ 1945ع ۾ انڊيا جي ملٽري ٽريننگ سينٽرن لاءِ موڪليل وفدن جو سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪري موڪليو هو. ان کانسواءِ کيس سنڌ حڪومت، سنڌ بابت تاريخي دستاويزن هٿ ڪرڻ لاءِ راجڪوٽ (انڊيا) بہ موڪليو هو. ڊاڪٽر ڊيوئارٽ، انڊين هسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن تي سنڌ حڪومت پاران ميمبر بہ ٿي رهيو. ڊاڪٽر ڊيوئارٽ 32-1931ع ۾ پئرس جو سفر ڪيو ۽ هڪ ڀيرو وري 1838ع ۾ پئرس ويو. هن لڳاتار ڪيترن سالن تائين ’ٽائيمز آف انڊيا‘ ۽ ’السٽريٽيڊ ويڪلي‘ ۾ ڪيترا تاريخي ليک لکندو رهيو. ڊاڪٽر ڊيوئارٽ پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن جو بہ ميمبر رهيو آهي. هن سنڌ جي تاريخ تي ڇھہ جلد لکيا هئا، پر افسوس جو اهي اشاعت هيٺ اچي نہ سگهيا.


لفظ ڊاڪٽر ڊيوئارٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1896.03.01  عيسوي

ڊاڪٽر ائڊرين ڊيوئارٽ (Dr. Adrian Duarte) مشهور تعليمدان ۽ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال، 1 مارچ 1896ع تي ڌارواڙ (انڊيا) ۾ ڄائو هو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظفر ﷲ خان
شمس الدين احمد حڪيم
جسڪاڻي محمد مٺل
پهلوان شير ميربحر
سيد مراد علي شاھہ
سمه بن ديوائچ
بابو غلام حسين
ٽاڊ جيمز
آچار ڪاڪو
اسلم آزاد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون