
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تعزيتي تاثرات
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- تعزيتي تاثرات (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي برک محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بابت تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي وڇوڙي جي موقعي تي ناليوارين شخصيتن ۽ اهل علم و ادب ماڻهن تعزيتي نوٽ بوڪ تي جيڪي تاثرات لکيا هئا، تن کي ترتيب ڏئي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر پروين منشي، شمس جعفراڻي، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، فقير محبت علي مسافر، يوسف لغاري، سردار خان محمد خٽڪ ۽ ٻين مشھور شخصيتن جا تاثرات شامل آهن. ڪتاب جي پهرين صفحي تي پير سائين پاڳاري شاھہ مردان شاھہ جو تعزيتي خط ڏنو ويو آهي، جيڪو هنن ڊاڪٽر مرحوم جي پونئرن لاءِ لکيو هو. هن ڪتاب جو ايڊيٽر محمد ارشد بلوچ ۽ مرتب حافظ محمد يوسف ڀنڀرو سڪندري آهي. هن ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر بلوچ جي نياڻي حميدہ بلوچ جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب جا ’ٻہ اکر‘ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرست اعليٰ محمد عثمان منگيءَ لکيا آهن. ان کانسواءِ ڊاڪٽر بلوچ جي نياڻي حميدہ بلوچ، پٽن: رفيق بلوچ، محمد شفيق بلوچ، ننهن زيب النساءِ لغاري ۽ ٻين جا تاثرات پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم 2011ع (1432ھہ) ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.