ڊاڪٽر سنديلو لائبرري: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ذاتي لائبرري، 1942ع کان لاڙڪاڻي ۾ قائم آهي. هن لائبرريءَ ۾ سنڌي، هندي، گرمکي ۽ سنسڪرت ٻولين جي ڪتابن جو وڏو تعداد ۽ گڏوگڏ لغتن جو بہ چڱو موچارو ذخيرو موجود آهي. ان کان سواءِ ان ۾ هزارن جي تعداد ۾ رسالا ۽ اخبارون بہ آهن. ڊاڪٽر سنديلو لائبرريءَ ۾ ڪافي پراڻا ڪتاب بہ آهن. هيءَ لائبرري هن وقت سندس فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي وٽ لاهوري محلي، لاڙڪاڻي ۾ آهي.