
ڇٻر
ڇٻر: هڪ قسم جو گاھہ آهي، جيڪو هر فصل يا خالي پيل زمين ۾ تمام گهاٽائي (Densities) سان ڦٽي ٿو ۽ ميدانن، غير آباد جاين ۽ باغن ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ تہ زمين اندر هن کي پاڙ ڳنڍ ۽ زمين مٿان هن کي مٿي چڙهندڙ ٿڙ يا ڏانڊي ٿيندي آهي، ان سبب هن گاھہ کي ختم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. عام طرح ڇٻر گاھہ لٽاسي يا چيڪي مٽيءَ ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. ڇٻر جا پن اڪثر ڪري ننڍا ۽ سوڙها 4 کان 12 سينٽي ميٽر ڊيگهہ ۾ ۽ 2 کان 6 ملي ميٽر ويڪر ۾ پکڙيل ٿيندا آهن. هن گاھہ ۾ واڌارو طبعي قلمي واڌ ذريعي ٿئي ٿو. هيءُ گاھہ طور، چوپائي مال لاءِ استعمال ۾ خاص طور اچي ٿو. ان کان سواءِ هن کي پارڪن وغيرہ ۾پڻ سونهن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. ڇٻر جو گاھہ زمين کي کاڌ کان محفوظ رکي ٿو. هن جون ڳريون، پاڙون ۽ ڳنڍيون اڪثر ڪري دوائن ۾ ڪتب اچن ٿيون. هاڻي باغن ۽ پارڪن لاءِ مختلف قسمن جون ڇٻرون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جي باغن ۽ باغيچن ۾ سونهن لاءِ پوکيو وڃي ٿو.
اڄڪلھہ آمريڪي ڇٻر لڳائڻ جو رواج آهي. وڏن پارڪن، بنگلن وغيرہ ۾ اها لڳائي ويندي آهي، جيڪا تمام سنهڙي تندن واري گاھہ جي هوندي آهي ۽ مشين سان ڪٽجڻ کان پوءِ سائي غاليچي جو ڏيک ڏيندي آهي.