ڇِني

ڇِني (ڳوٺ): ڇِني، جوهي تعلقي جو اهم ڳوٺ آهي، جيڪو مغل دور کان وٺي اڄ تائين ساڳئي نالي سان قائم آهي. ڇني لفظ ’ڇھہ‘ ۽ ’نئن‘ جي ترڪيب مان جڙيل لفظ چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ٿيندي. اهڙو ماڳ، جتي ڇھہ باراني نيون پاڻ ۾ ملڻ کان پوءِ گڏيل وهڪرو اختيار ڪن. هن ڳوٺ وٽ ڪاڇي جون ڇھہ باراني نديون اچي گڏجن ٿيون، جن ۾ سول، ڪڪڙاني، کنڌاني، هليلي، انگئي، نيئنگ شامل آهن. هنن نئين جو گڏيل ڇوڙ ڇنيءَ وٽ آهي. مغل دؤر ۾ بہ ڇني ڳوٺ موجود هو. هن ۾ ’ٿيٻا‘ قبيلي جا چار ڳوٺ آهن، جن مان ٽن جو تعلق مٿئين پرڳڻي سان آهي. انهن ڳوٺن کي ڪنڌڪوٽ ڇني ۽ ٿيٻن جو ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. ڇنيءَ جو تذڪرو ڪلهوڙا دؤر جي تاريخ ۾ بہ ملي ٿو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي ڇني پرڳڻي تي پنهنجو قبضو ڄمايو ۽ پوءِ هن ڪيترن ماڻهن کي پاڻ سان گڏ ڪري مغلن خلاف جدوجھد ڪئي. ’تاريخ سنڌ‘ (ڪلهوڙا دور) جي ليکڪ، ’مرات دولت عباسيه‘ ۽ ’جواهر عباسيه‘ ڪتابن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي تہ نصير محمد ڪلهوڙو ملتان ۽ لاهور جي هجرت کانپوءِ هن علائقي ۾ اچي رهيو، جتي چينھہ (چينھہ يا چنه) جا ماڻهو رهندا هئا، ڇني موجودہ دؤر ۾ ڇني جوهيءَ کان اولھہ - ڏکڻ ۾ سترهن ارڙهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو