ڇَتو فقير سانگي

ڇَتو فقير سانگي: ڇتو فقير سانگي، سنڌي ڪافيءَ جو باڪمال صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو ڇتل سانگي هو، جيڪو اڳتي هلي ’ڇَتو فقير سانگي‘ سڏيو ويو. ڇتي فقير سانگيءَ 1248ھہ/ 1832ع ڌاري تعلقي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ پيٽهڙي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد بچل هو، جيڪو ذات جو سانگي هو. ڇتو فقير اڃا ننڍو ئي هو تہ سندس والد گذاري ويو، ان ڪري هن جي پرورش سندس چاچي محمد سچل سانگيءَ ڪئي. ڇتو فقير اڃا 8، 9 سالن جو هو تہ چاچي جي چوڻ موجب جهنگ ۾ مال ڪاهي وڃي چاريندو هو. ان دوران هن جي هڪ نامعلوم سفيد ريش درويش سان ملاقات ٿي، جنهن کيس روحاني تعليم ڏني. اُن جو اثر وٺي سندس چاچي، ڇتي فقير کي چيو تہ ’هاڻي مال چارڻ تنھنجي شان وٽان نہ آهي، هل تہ تو کي مدرسي ۾ تعليم ڏياريان. ڇتو فقير ذهين هو، ٿوري ئي عرصي ۾ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس رسمي دستاربندي ٿي. ڪجهہ عرصي بعد چاچي سندس شادي ڪرائي، جنهن بعد کيس هڪ نياڻي ڄائي، پر گهر واريءَ جي وفات سبب نياڻيءَ جي پرورش فقير پاڻ ڪئي. فقير صاحب هميشہ اڇا ڪپڙا پهريندو هو ۽ زندگي سادي گذاريندو هو. دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ هي پنھنجي اباڻي ڳوٺ پيٽهڙي کي الوداع ڪري ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ مصري سانگيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي سندس اباڻيون زمينون هيون. ان ڳوٺ ۾ رهڻ دوران فقير صاحب کي مجازي عشق جي چوٽ لڳي ۽ شاعري ڪرڻ لڳو. ان بعد ڇتل مان ’فقير ڇتو سانگي‘ سڏائڻ لڳو. جلد ئي ڇتل سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو مقبول شاعر بنجي ويو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جا پيچيدا پيچرا ۽ مخفي رمزون پيرائتي نموني سمجهايل آهن.
ڇتي فقير سانگيءَ جو ڪلام ’ڪليات ڇتو فقير سانگي‘ جي نالي سان صوفي مولا بخش سانگيءَ ترتيب ڏئي، لاڙڪاڻي مان 1973ع ۾ ڇپايو آهي.
ڇتي فقير سانگيءَ حياتيءَ جو آخري حصو ڳوٺ دڙي ۾ گذاريو، جتي سال 1311ھہ مطابق 1894ع ۾ رحلت ڪيائين، سندس مقبرو دڙي ۾ آهي. جتي هر سال 13، 14 رجب تي ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو