ڇهنڀڙو

ڇهنڀڙو: ڇهـنڀـڙو، ڳئـون، مينهـن يا ٻڪـريءَ وغيرہ جي ڦرن کي ڌائڻ کان روڪڻ لاءِ ڪاٺ جي مدد سان ٺاهبو آهي. ڇهنڀڙي جا ٻہ قسم ٿيندا آهن. هڪ نمونو: ٻہ ڪاٺيون مُني فوٽ جيڏيون، جن مان هر هڪ جو هڪ پاسو چُهنبارو هوندو آهي، هڪ ٻئي مٿان کليل ڪئنچيءَ وانگر رکي، وچ ۾ ڌاڳي سان قابو ڪري، ڪاٺيون ڦَر جي نڪ تي اهڙيءَ طرح رکندا تہ جيئن ٻئي چهنبون سامهون بيهن، پوءِ ٻنهن ڪاٺين جي ڇيڙن ۾ ڌاڳا ورائي ڪِياڙيءَ ۾ ٻڌي قابو ڪبا ۽ هڪ ڌاڳي جو وراڪو ڄاڙيءَ جي هيٺيان ڏئي ڇڏيندا آهن. ٻيو نمونو ڪاٺي چپٿري تيار ڪري، بوليءَ وانگر ٺاهي نَڪ ۾ اٽڪائي ڇڏيندا آهن تہ جيئن ڦر ڌائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ ڇهينڀڙي جون تيز چنهنبون اوهَه ۾ لڳنديون تہ مال ٽپ ڏيڻ شروع ڪندو آهي ۽ ڦر ڌائي نہ سگهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو