ڇن قبول

ڇن قبول: تعلقي ساماري ۾ ڇن قبول هڪ تپو آهي. ’ڇن‘ برسات جي گڏ ٿيل پاڻيءَ کي چئبو آهي. هيٺاهين زمين کي بہ ڇن چئبو آهي. قبول ملاح نالي قبيلي جو هڪ چڱو مڙس ساماري تعلقي ۾ رهندو هو. جنهن جي نالي پٺيان هي علائقو ڇن قبول سڏجڻ ۾ آيو ۽ هن وقت ساڳئي نالي سان قبول شاخ بہ آهي. مٺڙائو ڪئنال مان ٻريجيءَ جي موريءَ وٽان نڪري واھہ جي اڀرندي ڀر ڏئي واھہ سان گڏ هلندي، ڊينگاڻ موريءَ کان پوءِ واھہ کي ڇڏي اڀرندي طرف هلي ٿي ۽ تپي ڇن قبول کان بہ اڳتي وهي ٿي.
- ڇن قبول ترائي بہ آهي، جيڪا عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ساماري ۾ سومرن جي دؤر ۾ مشھور تخت گاھہ اونچل ڪوٽ ۽ ميرن جي دؤر جي مشھور شھر خانپور جي ويجهو هئي. هن وقت هن ترائيءَ جو نالو نشان موجود نہ آهي ۽ آباديءَ هيٺ اچي وئي آهي، پر اهو پٽ، ڇن قبول ترائي سڏجي ٿو.


لفظ ڇن قبولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو