ڇلو- مرون

ڇلو- مرون

ڇلو مرون

ڇلو- مرون: ڇلو، سوئر جو هڪ قسم آهي. هن کي ڇلو ان ڪري سڏيندا آهن جو هن جي جسم تي ٻين جانورن جيان وار ڪو نہ ٿيندا آهن ۽ سندس کل تي وارن بجاءِ مڇيءَ وانگر وڏا ۽ مضبوط ڇلر ٿيندا آهن. هن کي لٺ ۽ ڌڪ جي پرواھہ نہ ٿيندي آهي. ڇلرن سان سندس بدن هڪ تہ ڍڪيل هوندو آهي، جو اندر کل تائين ڪو بہ ڌڪ اثر نہ ڪندو اٿس. هن جانور جي پيرن ۾ ڪتي ۽ رڇ وانگر چنبا ٿيندا آهن، جن سـان ڍنــڍن ۾ پــن، ڪل ۽ ٻئي گاھہ جون پاڙون کوٽي ڪڍي کائيندو آهي. پاڻي ۽ خشڪيءَ جا جـيــت بـه هـن جـي خـوراڪ آهــن. هـيءُ جيتوڻيڪ شڪل ۾ ڀوائتو جانور آهي، پر انسانن لاءِ بي ضرر آهي. ماڻهوءَ سان وڙهڻ جي جرئت نہ هوندي اٿس ۽ ماڻهوءَ کي ڏسي ڀڄي ويندو آهي. هي جانور پنهنجا ٻچا کڏ کوٽي ڏر ۾ رکندو آهي. سندس انهيءَ ڏر کي بعض هنڌن تي ’گِـڙ‘ بہ چوندا آهن. سنڌ ۾ هي جانور اڳ ۾ سامونڊي علائقن ۾ دريائي ڪنارن تي ڏٺو ويندو هو. اڄڪلھہ ناياب آهي. هن جو قد ڪتي جيترو مس ٿيندو آهي. ڪن ماڻهن جي خيال موجب هن جانور جا ڇلر ڳچيءَ ۾ ٻڌائبا تہ ٽيئڙ تپ، ڀوائتن خوابن کي ڏسڻ، ننڊ ۾ ڏند ڪرٽڻ وغيرہ بند ٿي ويندا آهن. ساڳيا ڇلر گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌبا تہ اهو بد نظر ۽ بيماريءَ کان محفوظ رهندو.
ڇلي: مٺي پاڻيءَ جي مڇيءَ جو هڪ قسم، جنهن کي شلي بہ چوندا آهن. هيءَ ملي مڇي ٿئي، صورت ڍڳڻي مڇيءَ وانگر هوندي اٿس پر ڍڳڻي وڏي ۽ ڇلي ننڍي ٿئي ٿي، ڍڱڻي کي پاسي کان جهالر گهڻي ۽ ڇلي کي ٿوري هوندي اٿس، پڇ موراکيءَ وانگر، منڍي اڇي ۽ ڪناري ڪاري ٿئي، جنهن کي ٻہ ڪنڊون اٿس، ڊيگهہ ڇھہ انچ ۽ تور اڌ سير ۽ کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿي، پلي جهڙي چرٻي اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو