ڇتن شاھہ سيد: خيرپور جي ڪافي گو شاعر سيد ڇتن شاھہ جي ولادت 1870ع ڌاري ٿي. هيءُ سرائي گنهور خان جي پاڙي ۾ رهندو هو. کيس ڪافيءَ سان گڏ مرثيي ۽ سلام تي بہ چڱي دسترس حاصل هئي. سيد ڇتن شاھہ خيرپور جي ماتمي مجلسن جو اهتمام ڪندو هو. سندس ويجهن دوستن ۾ الھرکيو کوکر ۽ پير ڦلپوٽو شامل هئا. کيس ان دؤر جا خيرپور رياست جا حاڪم بہ قدر جي نگاھہ سان ڏسندا هئا. هن 1920ع ڌاري وفات ڪئي.