ڇتن شاهه جي درگاهه

ڇتن شاهه جي درگاهه

ڇتن شاھہ جي درگاھہ

ڇتن شاھہ جي درگاھہ: هيءَ درگاھہ صوفي بزرگ ڇتن شاھہ بخاريءَ جي آهي، جيڪا تعلقي ۽ ضلعي خيرپورميرس ۾ شادي شھيد جي مقبري کان ڪجهہ فاصلي تي روهڙيءَ وارين ٽڪرين تي آهي. ڇتن شاھہ بخاري لاءِ مشھور آهي تہ پاڻ سدائين سچ گو رهيو، سندس ڏينهن ۾ سنڌ تي ڌارين پٺاڻ لٽيرن جون ڪاهون ٿيون، جنهن دوران هن عام ماڻهن ۾ حوصلو ۽ همت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عام خلق لاءِ حاڪمن آڏو سچ جي پرچار ڪئي. مقبرو اتاهين ٽڪرين تي آهي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ تمام اوکا گس لنگهڻا پون ٿا. ڇتن شاھہ لاءِ مشھور آهي تہ پاڻ آسپاس جي بزرگن جو مهندار هو.
هي مقبرو ٽڪريءَ تي تعمير ڪيل آهي. مقبري جي عمارت جو رنگ سفيد ۽ گنبذ سائي رنگ جو آهي. هن هنڌ تي ماڻهن جي آبادي گهٽ آهي. مقبري جي چؤگرد وڏيون وڏيون ٽڪريون آهن. مقبري جي اڱڻ جي فرشبندي ٿيل آهي، جنهن کي ننڍي ديوار جو احاطو آهي. عمارت جا ٻہ حصا آهن، جن مان پهريون حجرو وڏو ۽ ٻيو ننڍو آهي. عمارت لڳ ڀڳ ٻہ صديون پراڻي معلوم ٿئي ٿي، تڏهن بہ سنڀال ٿيڻ سبب مقبري جي عمارت چڱي حال ۾ آهي. پيڙھہ ۾ سائو رنگ ٿيل اٿس، باقي ديوارون چوني سان لتل آهن. مهاڙي ۾ ونگائون لنگهہ اٿس، جنهن ۾ چوڪاٺي وارو در نصب ٿيل آهي ۽ دروازي جي ڀر ۾ ڇتن شاھہ جي نالي جي تختي هنئي وئي آهي. ڇت تي سرن جي ڪناري ٻڌل اٿس. ڇت گاري سان لتل آهي. ڇت تي سائي رنگ جو گنبذ ۽ گنبذ تي ابتي ڪوڻي جي گل مٿان ڪلسو ۽ ان تي نيل هنيل آهي. مقبري جي عمارت ۾ هجري سان گڏ ورانڊو بہ تعمير ٿيل آهي. مقبري جي عمارت جي ڇت ڪاٺ جي ڪامن ۽ ڦٽين وغيرہ تي اڏيل آهن، جنهن ۾ گل واريون سرون لڳل آهن. ڇت ڪمزور ٿيڻ سبب هن وقت ڇت کي اندرئين طرف کان زمين تان اڀيون ڪامون ڏئي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويا آهن.
مقبري ۾ اندر ڇتن شاھہ جي مزار سائي رنگ جي چبوتري ۾ آهي. مقبري جي عمارت کي اندريئن طرف محرابن جي شڪل جا نمائشي خاڪا ڪڍيل آهن. سموري عمارت جي فرشبندي چوڪي ۽ پڪل سرن سان ٿيل آهي. مقبري جي ڀر ۾ مسجد تعمير ٿيل آهي، جنهن جي عمارت درگاھہ جهڙي آهي. فقط ٻيڙ ٻني تي چؤڦير برجيون اٿس ۽ ٽنهي طرفن کان هوا جي لنگهہ لاءِ دريون ڇڏيون ويون آهن. مسجد جي گنبذ جو رنگ سائو ۽ ڪوڻي جي ابتي گل ۽ ڪلسي جو رنگ سفيد آهي. مسجد جي مهاڙي ۾ چائنٺ سان دروازو آهي. دروازي جي مٿان ٻيڙٻني وٽ تاج ٺهيل آهي، جنهن تي پاسن کان ۽ وچ تي ٽي گنبذڙيون رکيل آهن. مهاڙي ۾ لنگهہ واري دروازي جھڙا ٻنهي پاسن کان نمائشي در آهن، جن تي نمائشي رنگن جا نشان ڪڍي انهن کي پرڪشش بڻايو ويو آهي. مسجد جي عمارت مقبري جي عمارت کان گهڻو پوءِ جي تعمير ڪيل معلوم ٿئي ٿي.
مقبري جي ڀر ۾ ساڳي ئي نموني ۾ زيارتين جي قيام لاءِ ڪمرو پڻ تعمير ڪيل آهي. درگاھہ جيتوڻيڪ ٽڪرين جي وچ ۾ آهي ۽ اتي پهچڻ لاءِ آسان سفري رستا ۽ سهولتون ميسر ناهن، تڏهن بہ روزاني ڪيترائي زيارتي ۽ عقيدتمند درگاھہ جي حاضري ڀريندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو