ڇانگ

ڇانگ: ٻاڪري يا ريڍي مال جي ولر، ٽولي يا ميڙ کي ڇانگ چئبو آهي. هي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن مان جانورن جي وڏي ميڙ ۽ ٽولي جي معنيٰ ورتي وڃي ٿي. هيءُ لفظ گهڻو تڻو لاڙ ۽ ٿر وارن علائقن ۾ استعمال ٿئي ٿو.
سنڌيءَ ۾ وڻن جي هلڪي وڍ کي بہ ڇانگ چيو ويندو آهي.
هيءُ لفظ شاعرن بہ ڪتب آندو آهي، جھڙوڪ:
ڪنڊيءَ نہ سڱري ٻٻر نہ پلڙو،
ڇانگون نہ ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.
(اياز)


لفظ ڇانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو