
چڪوال شهر جو ڏيک
چڪوال: چڪوال، پاڪستان جو مشھور شھر آهي، جيڪو تصوف جي مرڪزن مان هڪ آهي. شھر جو بنياد مئرمنهاس قبيلي سان تعلق رکندڙ چڪو خان، مغل بادشاھہ ظھيرالدين بابر جي دؤرِ حڪومت ۾ وڌو. هي هڪ زرعي شھر هو، تنهنڪري هتي جي رهاڪن جو ذريعہ معاش، پوکي راهي ۽ مال چارڻ تي هو، جڏهن تہ هتي جي زراعت برساتن تي ٿيندي هئي. 1985ع ڌاري چڪوال شھر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ ترت هيءُ شھر زرعي شھر مان ڦري هڪ وڏو صنعتي شھر بنجي ويو. چڪوال جي ڀرسان موٽر وي جي تعمير ٿيڻ سب بہ هتي صنعتڪاريءَ تمام گهڻي ترقي ڪئي.
چڪوال شھر جي ايراضي 7 لک 40 هزار ايڪڙ آهي. هن ضلعي جي اتر ۾ اٽڪ ۽ راولپنڊي ضلعا، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ جھلم ۽ خوشاب، جڏهن تہ اولھہ ۾ ميانوالي ضلعو آهي. هن علائقي ۾ موسمي ندين ۽ نالن جي دٻاءَ جي ڪري هنڌ هنڌ تي گهريون کاهيون ۽ کڏا ٺهيل آهن، جنهنڪري پوکي ۽ اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. کيڙي سوات پهاڙ ضلعي چڪوال جي اولهندي حصي ۾ آهي، جيڪو بلڪل خشڪ ۽ وڻن کان خالي علائقو آهي.
ٽئين حصي ۾ درياھہ ’سوان‘ جي وادي آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي نديون ۽ موسمي نالا اچي ملن ٿا، جيڪي گهرين کڏن مان وهن ٿا، جن جي وچ ۾ ٿوري هموار زمين ملي وڃي ٿي، جتي پوک ٿئي ٿي. ڪلرڪها ۽ چواسيدن شاھہ هن علائقي جا مشھور تاريخي شھر آهن. چڪوال ڪيترين ئي شين جھڙوڪ: چپل، سئنڊل، کاڄن، مٺاين ۽ ڪپڙي جي ڪري مشھور آهي.
چڪوال ۾ ڪتن جي ويڙھہ، گهوڙن جي ريس مختلف جانورن جي نمائش کان سواءِ ٻيون بہ ڪيتريون ثقافتي رانديون کيڏيون وڃن ٿيون، جن ۾ هتان جا رهواسي گهري دلچسپي وٺندا آهن. هي وندرون هر سال ميلن جي صورت ۾ منعقد ٿينديون آهن.
چڪوال جي ويجهو دلميالا نالي ڳوٺ ۾ هڪ قديم توپ رکيل آهي، جيڪا هڪ بھادر سپاهي صوبيدار گل محمد کي پهرين مهاڀاري جنگ دوران تحفي طور ملي هئي.
هتي دلميالا ڏانهن ويندي هڪ هنڌ اچي ٿو، جنهن لاءِ مشھور آهي تہ اتي بابر بادشاھہ پنھنجي فوجي لشڪر کي منظم ڪري بھار تي چڙهائي ڪئي هئي. هن قديم تاريخي يادگار کان سواءِ اڄڪلھہ هتي ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪارخانن سميت سيمينٽ ٺاهڻ جو هڪ وڏو ڪارخانو بہ آهي. هتي جا ماڻهو محنتي آهن، جن جي اڪثريت ٽرانسپورٽ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي.