چڙيا وَل/ جهَرڪيا/ پروڙي

چـڙيا وَل/ جهَـرڪـيا/ پروڙي: هي گاھہ جو هڪ قسم آهي. هي زمين تي ول وانگر پکڙي ڇٽ هڻندو آهي. جتي ٻيا گاھہ گهٽ اڀرندا آهن، اتي هي گاھہ وڌيڪ نظر ايندو آهي. هيءُ گاھہ خاص ڪري نرم زمين تي سٺي واڌ ويجهه ڪندو آهي. هن کي تقريباً هر جانور شوق سان کائيندو آهي، جڏهن تہ هيءُ گاھہ اٺ جو پسنديدہ چارو آهي. سڪڻ کان پوءِ جلد ختم ٿي ويندو آهي. هن جا گل ننڍا ۽ ڌاڻن وانگر جهڳٽن ۾ ٿيندا آهن. هن جو ٻج پچڻ کان پوءِ پکي بہ کائيندا آهن. ٿر جي مختلف ڀاڱن جھڙوڪ سامروٽي ۾ ’پروڙي‘، مهراڻي ۾ ’جهرڪيا‘، جڏهن تہ پارڪر، ڍٽ توڙي کاهڙ ۾ هن ول کي چڙيا ول سڏيو وڃي ٿو.. هن جو ٻج ٻن ڦاڪن وارو ٿيندو آهي. هن جو تاثير ٿڌو آهي. حڪمت جي علاج مطابق پيشاب جي تڪليف کان هن ول کي گهوٽي پياربو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو