چٽو 2

چٽو 2 (مڇي): هيءَ مِٺي پاڻيءَ جي درياهي مڇيءَ جو هڪ قسم آهي. هيءَ مڇي ’شاڪُر‘ جي خاندان مان آهي، جنهن جي جسم تي ڇلر ٿيندا آهن. هن جي پيٽ تي اڇا چِٽا هوندا آهن. چِٽي مڇي ڪيترن ئي نمونن جي ٿيندي آهي. هيءَ ڊيگهه ۾ ٽي فوٽ ۽ تور ۾ پندرهن ڪِلو وزن جي ٿيندي آهي.
- ڪوڙھہ جي داغ يا ٻئي ڪنهن مرض جي داغ کي بہ چُٽو چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو