چِچڙ (a tick): هڪ قسم جو جيت، جيڪو جانورن جي وارن يا کل ۾ چنبڙي رت چوسيندو آهي. هي Ixodes Scapularis فئمليءَ جو جيت آهي. ننڍڙا ڳاڙهي رنگ جا جيوڙا ٿيندا آهن. ڍڳين، ٻڪرين، مينهن ۽ ڪتن کي گهڻو چهٽندا آهن. گهڻو ڪري جانورن جي ڪنن ۾ چهٽيل هوندا آهن. ڳوٺاڻو ٽوٽڪو آهي تہ: ”تون تہ هُن سان چچڙ وانگر چنبڙيو وتين.“ حڪيمن موجب هنن جيتن کي ترن جي تيل ۾ ساڙي، اهو تيل استعمال ڪرڻ ڦٽن، ڦرڙين ۽ ناسور جي ڦٽن لاءِ مفيد هوندو آهي.
چچڙن جا سڄيءَ دنيا ۾ اٽڪل پنجاھہ کن قسم آهن، جن مان گهڻا هاڃيڪار ٿين ٿا. چچڙ پنھنجي جسم کان ڪيترا دفعا وڌيڪ رت چوسيندا آهن ۽ ڪيتريون بيماريون پيدا ڪندا آهن. چچڙن جي چڪ سان جانورن: گهوڙن، ڍڳين، مينهن، رِڍن ۽ ڪتن کي وچڙندڙ بيماري ٿيندي آهي، جنهن کي ڊاڪٽر ’چچڙ جو بخار‘ چوندا آهن. هن بيماريءَ ۾ جانور جي پيشاب جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، ان ڪري ان کي ’پيشاب ۾ رت اچڻ‘ جي بيماري چوندا آهن. جيئن تہ هيءَ بيماري چچڙن مان ٿئي ٿي، ان ڪري وٿاڻ ۽ واڙا صاف رکڻ گهرجن.