چُڪَ

چُڪَ: چيلھہ جي سور جي هڪ بيـمـاري، جـيـڪـا بـار کـڻڻ، اولـي سـمهڻ، گهڻي کائڻ، بدهضميءَ يا چيلھہ ۾ ڪنهن نس ڦِرڻ سبب ٿيندي آهي. گهڻو ڪري تڪليف واري ڪم ڪرڻ سبب، مثال: گهڻي بار کڻڻ، واھہ ٽپڻ، وڻ تان ڪرڻ، ڊوڙ پائڻ، ملھہ ۾ ڌڪ کائڻ يا سٽ ڏيئي بار کڻڻ سبب چيلھہ ۾ سور جي تڪليف ٿيندي آهي. جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’چُڪ پوڻ‘ چئبو آهي. چڪ جو ديسي علاج ’چڪ ڀڃائڻ‘ هوندو آهي. ٻهراڙين جا ماڻهو ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي، جنهن وٽ سندن خيال موجب چُڪ ڀڃڻ جو هُدو (اذن) هوندو آهي. ان ماڻهوءَ کان صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۽ شام جو سج لھڻ کان پوءِ وڃي چُڪ ڀڃڻ جو سوڻ ڪرائيندا آهن. اهو ڄاڻو ماڻهو چڪ پيل ماڻهوءَ کي سنئين سڌي زمين تي تڏي يا تؤنري تي اونڌو سمهاري، چيلھہ تي مهارت سان ساڄي پير جي کڙيءَ جو زور ڏيندو آهي. روايتي طور چڪ ڀڃندڙ بانس يا ٻي ڪاٺيءَ جي لٺ جي ٽيڪ تي بيهندو آهي ۽ پوءِ ساڄي پير جي پٻ ۽ آڱوٺي سان چُڪ پيل جي چيلھہ جي پوري وچ تي زور ڏيندو ۽ پوءِ پير سان چيلھہ کي اورتي پرتي ٽي دفعا ڪندو آهي. ان بعد پير سان ستل مريض کي جهٽڪو ڏيئي سنئون ڪندو آهي، وري وڃي ٻئي پاسي کان بيهندو ۽ ساڳيءَ طرح جهٽڪو ڏئي مريض کي اٿلائي سنئون ڪندو آهي. ان ريت ٽي دفعا چيلھہ تي زور ڏيئي اٿلائيندو. پڇاڙيءَ ۾ ساڄي پير جي کڙيءَ سان چيلھہ جي چونڪ تي زور سان دٻاءُ وجهندو ۽ ان بعد مريض کي کڙو ٿي بيهڻ سان چوندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽن سوڻن سان چُڪ جو سور ڇڏي ويندو آهي. ٻئي طريقي موجب مريض جي پير جي آڱوٺي ۾ ڌاڳو ٻَڌي بہ ڪو سوڻ ڪيو ويندو آهي. چُڪ جو معمولي سُور تہ شايد ان ريت لھي ويندو هجي، پر وڌيڪ سُور عرق النساءِ‘ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. اهڙو سور ممڪن آهي تہ هڏيءَ جي سري پنھنجي جاءِ تان هٽڻ ڪري بہ ٿيندو هجي يا پٺ جي ڪنڊي جي هڏين وچ ۾ وٿي پوڻ کان پيو هجي. اهڙي صورت ۾ فائدي بدران نقصان جو انديشو هوندو آهي. ان ڪري اهڙن ٽوٽڪن کان بچڻ گهرجي ۽ ڊاڪٽر کان علاج ڪرائجي.
ڪي ديسي روايتون بہ آهن تہ پيرڙيو ڄاول ماڻهو (جنهن جا ماءُ جي پيٽان پهرين پير اچن) اهڙو اِذن رکندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو