چُکَ/ چُکي: ٽَڪريءَ يا جبل جي ڪنڊ، جيڪا ٻاهر نڪتل هجي. ان کي چک چوندا آهن. اهڙيءَ طرح زرعي زمين جي ايراضيِءِ ۾ ڪنڊ ٺاهيندڙ زمين کي بہ چک يا چُکي چوندا آهن. حيدرآباد ۾ ميان فقير جي پڙ وٽ بہ ٽڪريءَ جي ڪنڊ آهي، جنهن ۾ ’چُک وارو اسڪول‘ ۽ ’چک واري چاڙهي‘ مشھور آهن. هن اسڪول ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي تعليم حاصل ڪئي هئي. ان کان سواءِ تعلقي حيدرآباد ۾ چکي جي نالي سان ٽالپرن جو مشھور ڳوٺ هو، جيڪو اڄ بہ موجود هنڌ تي ٽن ديهن جو دنگ هو، جن جون ڪنڊون پاڻ ۾ ملن ٿيون. هن چُکيءَ کي شاھہ لطيف بہ سُر سارنگ ۾ ياد ڪيو آهي:
’چِيهو چُکيءَ ڪنڌئين، ٿيا گُڙنگ مٿي گُلَ‘