چَرخِي

چَرخِي

چَرخِي

چَرخِي (Pully): چرخي ڦيٿي نما گول چڪري يا پُلي ٿيندي آهي، جيڪا هڪ ڌريءَ (Axle) سان لڳل هوندي آهي، جيڪا هڪ بلاڪ ۾ ڦاسائي هلائبي آهي تہ ڦيٿو آزاديءَ سان ڦرندو آهي. چرخيءَ جي ڦيٿي تي هڪ کانچو ٿيندو آهي. جـنهـن ۾ پـٽـو يـا ڏوري وجهي ان کي ڦيرائي گهربل ڪم وٺبـو آهي. چرخيءَ جا ٻہ قسم آهن:
(1) بند ٿيل يا بيٺل چرخي، (2) حرڪت ڪندڙ چرخي.
کوھہ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ عام طرح جيڪا چرخي ٻيلهنگ ۾ قابو ٻڌل هوندي آهي، ان کي ’ڦِرڻي‘ ۽ ’ڀوڻِ‘ بہ چوندا آهن. ٽريڪٽر ذريعي ڪڻڪ جو ان ڪڍڻ لاءِ ٿريشر مشين پڻ چرخيءَ ذريعي هلائي ويندي آهي جنهن کي پُلي پڻ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو