چَرخو

چَرخو

چَرخو

چَرخو: سٽ ڪتڻ جو هڪ اوزار، جيڪو ’اَرٽ‘ يا ’اَئٽ‘ جي عام نالن سان بہ مشھور آهي. آڳاٽي وقت ۾ چرخو گهر ۾ سُٽ ڪَتڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. پر هاڻي ان جو رواج گهٽجي ويو آهي ۽ صرف ڪن ذاتين وت رائج آهي. مثلاً: ڪوري، ميمڻ، شيخ وغيرہ ڪٿي ڪٿي چرخا هلائين ٿا. چرخي ۾ ونگ، ڏور ۽ ٽَڪَ نالي سان خاص حصا ٿيندا آهن. آهي. چرخي کي سنڌي، پنجابي ۽ هندي شاعريءَ ۾ ڳايو ويو آهي. عابدہ پروين ڳايل مشھور ڪلام: ”جيڏيون! منهنجو چرخو چيو نہ ڪري“، ۽ ماڌو لال حسين لاهوريءَ جو پنجابي ڪلام ”جهوم چرخڙا سنئيان دا، تيڏي ڪتڻ والي جيوي“ ان جا مثال آهن. (وڌيڪ: ڏسو: ائٽ، جلد پهريون)
- ’نار‘ ۽ ’هرلي‘ کي بہ چرخو چوندا آهن، جيڪو هيٺاهين سطح تي وهندڙ پاڻيءَ کي مٿانهين زمين تي پهچائڻ جو بهتر ۽ مؤثر ذريعو آهي (ڏسو: ’نار‘ يا ’هُرلو‘).


هن صفحي کي شيئر ڪريو