
چيهه
چيھہ Lesser Whistling Duck-Dendrocygna Javanica: 42 سينٽي ميٽر جسامت واري چيھہ بدڪ جا نر ،ماد هڪجهڙا ٿين ٿا، جن جو ٻچو بہ وڏي پکيءَ جي مشابھہ هوندو آهي. چيھہ جي چهنب ٽنگون ۽ پير سرمائي ڪارا ٿين ٿا. هن بدڪ جي چهنب جا مٿيان کنڀ اخروٽي ۽ پرن جي ٻاهرئين ڪناري وٽ اخروٽي چاڪليٽي چٽو هوندو آهي، جيڪو اڏامڻ مھل بلڪل صاف ڏسبو آهي. وڏي ۽ ٻچي جي چوٽيءَ تي ناسي کنڀ ۽ چوٽيءَ کان ڪنڌ تائين ڪاري ليڪ ٿئي ٿي. ڳچي هلڪي ڀوري بادامي هوندي اٿس، پيٽ جا کنڀ هلڪا اخروٽي پڇ هيٺان اڇو پٺيءَ جا کنڀ هيڊا سرمئي ٿين ٿا. جن جون ٻاهريون ڪناريون گولائيءَ ۾ بادامي رنگ جون ٿين ٿيون.
چيھہ اڏامڻ مھل هيٺان ۽ مٿان تمام گهري رنگ جي نظر ايندي آهي. ان جو مٿو ۽ ڳچي سرمائي ڀورو ٿئي ٿو. گهري ناسي چوٽي اٿس، جيڪا مٿي جي پاسن کان جدا رنگ جي ٿئي ٿي. اڏامڻ مھل ان جي پڇ جي مٿان روشن اخروٽي ڳاڙهو پٽو ڏسبو آهي. ٻچو وڏي سان گهڻو مشهابھہ ٿئي ٿو، پر اندريئن پاسي رنگ ۾ گهٽ چمڪدار ڀورو هوندو اٿس. جسامت ۾ ڳرو آهي، مضبوط اڏار اٿس ۽ پنھنجي نسل جي ٻي جنس Dendrocygna bicolor جي ڀيٽ ۾ گهٽ شور ڪندو آهي. اڏامڻ مھل هن جو آواز هلڪو مستقل ارتعاشي پر ڪنهن ڪنهن مھل ناگوار چيخ جهڙو هوندو آهي. آرام سان ويٺو هوندو تہ وي-ي-وي جهڙي هيٺانهين آواز ۾ ٽرانڪ نموني سيٽي وڄائيندو آهي.