چيچن داس رائسنگهاڻي: چيچنداس رائسنگهاڻيءَ، 3 مارچ 1911ع تي، هاسارام رائسنگهاڻيءَ جي گهر، ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. انگريزيءَ جو وڏو ودوان رهيو آهي. هن نفسيات (Psychology) جي موضوع تي سي. ايڇ. راءِ جي نالي سان 15 ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
(1) Marriage Testment
(2) Wedding Night
(3) Marriage Technique
(4) Boy or Girl at Will
(5) Honey for Health
هن انگريزيءَ ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون به لکيون. ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي هندستان جي شهر پوني ۾ رهيو.
1911.03.03 عيسوي
چيچنداس رائسنگهاڻيءَ، 3 مارچ 1911ع تي، هاسارام رائسنگهاڻيءَ جي گهر، ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.