چيهو: گاھہ جو هڪ قسم، جيڪو مينهن جي اوائلي وسڪاري تي اُڀري ٿو. ان جي رس ۾ ڳاڙهو رنگ ٿئي. تنهن ڪري مال کائي تہ ان جا چپ ڳاڙها ٿين ۽ پير اگهاڙا ڪري هلڻ سان ڳاڙها پير ٿين. هي گاھہ هيٺاهين ريج واري زمين ۾ بيٺل پاڻيءَ جي پاسڙن کان ٿئي. ٿر ۾ هي گاھہ هڏهرين، ٿلين، تراين، ٽوڀن وغيرہ ۾ ٿئي، جتي مينهن جو پاڻي بيهندو هجي. هن گاھہ جا پن چپڙا، فوٽ کن اوچا. ڏانڊي جي چوٽيءَ کي ڦاڪرار سنگ ٿيندو اٿس. رڍون، ٻڪريون ۽ گڏھہ وغيرہ هن گاھہ کي جام کائيندو آهي. ’چيهي‘ جو استعمال ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ بہ ڪم آندو ويو آهي. جھڙوڪ:
کڙيون کھ ڀڪليون، چيهي پير رتاس. (عنات رضوي)
’چيهو‘ چُکيءَ ڪنڌئين، ٿيا گُڙنگ مٿي گُل. ((شاھہ)
هي گاھہ ڏهرن ۽ ٻنين جي وچ واري حصي ۾ ٿيندو آهي. هن جي پاڙ ۾ ننڍيون ڳنڍيون ٿينديون آهن. تنهنڪري وسڪاري کانپوءِ بہ هن جي پاڙ زندہ هوندي آهي. جڏهن بہ برسات پوندي تہ ٻين سڀني گاهن کان اڳ ۾ پن ڪڍي اڀرندو آهي، خاص ڪري ننڍو مال ٻڪري ۽ رڍ تمام شوق سان کائيندا آهن. سڪي وڃڻ کانپوءِ هن جي پاڙ جيڪا ڪاري رنگ تي ٿيندي آهي. جنهن کي موٺ چئجي ٿو، اها ڏاڍي خوشبودار هوندي آهي.