چينا2
چينا: بلوچستان جي ساز سرود جي اوزارن مان هڪ مشھور ساز آهي. چينا ٺاهڻ لاءِ لوھہ مان ٺهيل خاص قسم جا ٻہ ٽڪر هڪ رسيءَ ۾ پوئتل هوندا آهن. هن ساز مان وڻندڙ ۽ سُريلو آواز نڪرندو آهي. عام طرح هي ساز رباب سان گڏ وڄائبو آهي، جنهن ۾ گهڻي جهڻڪار هوندي آهي.