
چيلهه 2
چيلھہ (Waist): جسم جي هڪ جاءِ، جنهن کي ڪمر بہ چوندا آهن. انساني جسم توڙي هر هڪ ساھہ واري جي تنتي سرشتي جو مدار ’چيلھہ‘ تي هوندو آهي. چيلھہ کي ڪوبه نقصان پهچندو آهي تہ هيٺيون ڌڙ مفلوج ۽ بيڪار ٿي ويـنـدو آهي. جيئن تہ پٺيءَ جي ڪنڊي جو تعلق دل ۽ دماغ سان بہ هوندو آهي تہ ان ڪري هن کي نقصان پهچڻ سان جسم ۾ ساھہ جي آمد توڙي دماغي نظام بہ متاثر ٿي ويندو آهي.
’چيلھہ ڀڃي ڇڏڻ‘ جو اصطلاح ڪنهن کي تمام گهڻو ڪمزور ۽ بيڪار ڪري ڇڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سست ۽ ڪامل ماڻهوءَ کي ’چيلھہ ڀڳل‘ چون ۽ گهڻي وزن يا غمن وغيرہ جي ڪري پريشان ماڻهوءَ لاءِ چون پٽ جي موت سندس ’چيلھہ چٻي‘ ڪري ڇڏي آهي.چيلھہ جو سور (Lower Back Pain): چيلھہ جي هڪ خاص رڳ (Sciatic Nerve)، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪُن رڳ‘ چئجي ٿو) جڏهن بندجي پوندي آهي تہ ان جو سُور سڄيءَ رڳ ۾ محسوس ٿيندو آهي. اها رڳ ڄنگهہ جي ڌُڏ کان شروع ٿي، پير تائين اچي ٿي. سُور سڄي ڄنگهہ ۾ پير تائين محسوس ٿيندو آهي. انسان جي چيلھہ ڪنڌ کان وٺي چيلھہ جي آخري ڇيڙي تائين 33 هڏين جي ٺهيل آهي، جن کي مهرا (Vertebrac) چئبو آهي. انهن مهرن جي وچ ۾ هڪ شاھہ رڳ ٿيندي آهي، جنهن کي مغزي ڏوري (Spinal Cord) چئبو آهي. ان مغزي ڏوري مان تنتون نڪري مختلف عضون ڏانهن وڃن ۽ انهن کي دماغي پيغام پهچائين ٿيون. مغزي ڏوري دماغ سان رابطي جو ڪم ڏيندي آهي. جيڪڏهن انسان جي جسم ۾ مهرا الڳ الڳ نہ هجن تہ ماڻهن جي چيلھہ ۾ ڪا بہ لچڪ نہ هجي ۽ صرف سڌا ٿي هلي سگهن، پر قدرت هنن مهرن (Vertebrae) کي هڪ خاص قسم جي رٻڙي ڊسڪ (Intervertebral disc) سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، جيئن ماڻهن جي چيلھہ ۾ لچڪ هجي ۽ آرام سان هلي ڦري سگهي. چيلھہ جو سور انهن سڀني بناوتن مان ڪنهن بہ هڪ جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، جھڙوڪ: مهرن جي سوڄ (Spony Litis)، مغزي ڏوريءَ جي سوڄ (Myelopathy) يا وري تنتن جي سوڄ (Neuritis of Meuropathy)، تنتن تي بندش، رٻڙي چيز (Intervertebral) جو پنھنجي جڳھہ کي ڇڏي وڃڻ يا وري ان تي سوڄ (Diskitib) جو ٿيڻ وغيرہ. چيلھہ ۾ سور جو مکيہ سبب شاھہ تنت (Sciatic nerve) جو بند ٿي وڃڻ آهي. جڏهن رٻڙي چيز (Intervertebal disc) پنھنجي جاءِ تان ٿڙي وڃي شاھہ تنت جي منڍي بند ڪندي آهي ۽ سور رڳ ۾ ڊوڙڻ لڳندو آهي. جڏهن رٻڙي چيز تي دٻاءُ پوندو آهي تہ چيلھہ ۾ سور پوندو آهي.
چيلھہ ۾ سور جا سبب: وزن کڻندي چيلھہ مان سٽ نڪري وڃڻ، ماڻهوءَ جو مٿان کان هيٺ ڪري پوڻ، ويهڻ بعد ڊگهو سفر ڪرڻ وغيرہ شامل آهن.
چيلھہ جي سور جا علاج: ٻهراڙين ۾ عام طور تي هن بيماريءَ لاءِ ماڻهو ٽوڻا ڦيڻا يا ڏنڀ وغيرہ ڏيندا آهن، ڏنڀ جا ماڻهوءَ تي ناڪاري اثر پون ٿا ۽ سور بہ ختم نہ ٿيندو آهي.
جديد ميڊيڪل سائنس اهو ثابت ڪيو آهي تہ سڙڻ جي سور کان وڌيڪ ڪو سور نہ هوندو آهي. ڏنڀ ڏيارڻ بعد مريض کان اصل بيماريءَ جو سور وسري ويندو آهي، پر ڏنڀ وارو سور رهجي ويندو آهي. ائين هيءَ بيماري وڌندي رهندي. ڪنهن حڪيم يا عطائي ڊاڪٽر کان مالش ڪرائبي يا زور ڏياربو تہ بيماري وڌي ويندي ۽ نتيجي طور ڪُن رڳ جو سُور، ڄنگهن جي ساڻائي، ڪمزوري، پيشاب ۽ پائخاني تي بندش ٿيو پوي. جيڪڏهن مريض 12 کان 24 ڪلاڪن اندر ڊاڪٽر وٽ نہ ويو تہ هميشہ لاءِ معذور ٿي ويندو. ڪن رڳ جو سور عام حالت ۾ ٿئي تہ ان لاءِ مريض کي سڌو يا اونڌو صندل تي سمهڻ کپي ۽ ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر جي چڪاس کان پوءِ هڪ خاص قسم جي ٽيسٽ مائيلوگرام (Myelogram) ڪرائبي آهي، جنهن ۾ انجيڪشن ذريعي چيلھہ ۾ دوا داخل ڪري ايڪسري ڪڍيا ويندا آهن، جنهن مان خبر پوندي آهي تہ رڳ ڪهڙي جاءِ تي ۽ ڪيتري بند آهي. جيڪڏهن بندش 50 فيصد کان وڌيڪ آهي تہ جلدي آپريشن ڪري رڳ کي آزاد ڪبو تہ سور لھي ويندو. جيڪڏهن 50 سيڪڙو کان بندش گهٽ آهي تہ آرام ڪرڻ ۽ ڪجهہ دوائون واپرائڻ سان بيماري ختم ٿي ويندي. هن بيماري لاءِ هڪ ٻي جديد ٽيسٽ بہ ٿيندي آهي، جنهن ۾ انجيڪشن نہ لڳندي آهي. ان کي ايم. آر. آءِ اسڪين (M.R.I. Scan) اسڪين چئبو آهي، جنهن مان وسيع نموني خبر پوندي آهي. چيلھہ جي سور کي معمولي نہ سمجهڻ کپي ۽ پاڻ ساڙائڻ يا ڏنڀ ڏيارڻ بدران ڪنهن وڏي سـرڪـاري اسـپتـال جـي دمـاغي شعبـي جـي ڊاڪـٽـر (Neuro Surgeon) ۽ او. پي. ڊي ۾ لاڳاپيل ڊاڪٽر سان مشورو ڪري بيماريءَ کي وڌڻ کان روڪجي ۽ اهڙيءَ ريت ڄنگهن کي بچائجي.