چيلهار1: چيلهار شھر ڇاڇري تعلقي ۾ آهي، جيڪو ’چيلي‘ نالي چارڻ جو ٻڌايل چيو وڃي ٿو. هتي ٽالپرن قلعو ٺهرائي، هن ڳوٺ تي ’عليڳڙھہ‘ نالو رکيو هو. اهو قلعو هاڻي ڊهي ويو آهي، جنهن جي سرن مان شھر جون ڪيتريون جهونيون جايون جڙيل آهن. ان زماني جون توبون بہ چيلهار ۾ پيون آهن. چيلهار ۾ ٽالپرن جا کوٽايل ڪيترا کوھہ بہ هئا. جن مان ڪي اڃا استعمال جوڳا آهن. هتي سٺو واپار هلي ٿو. برهمڻ، مهيشوري، سوٽهڙ، مينگهواڙ، مالهي، بجير ۽ حجم (هندو توڙي مسلمان) هتي رهن ٿا. چيلهار ڀرسان ڪيتريون ترايون آهن، جن مان ’راڻاسر‘ تلاءُ بيحد مشھور آهي، جنهن کي شيخ اياز بہ پنھنجي ڪتاب ’اڪن نيرا ڦُليا‘ ۾ ڳايو آهي. هتي جا ماڻهو گهڻي قدر تعليم يافتہ آهن. هتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول آهن. ٿاڻي، ڍڪ، ٻيلي کاتي جي آفيس، يونين ڪائونسل، پوسٽ آفيس ۽ بجلي وغيرہ جون سڀ سهولتون موجود آهن. مشھور استاد ۽ تاريخدان سرڳواسي رائچند راٺوڙ، نامور اديب منگهارام اوجها، ٽماهي مهراڻ جو اڳوڻو ايڊيٽر نفيس احمد ناشاد ۽ نوجوان شاعر ۽ محقق ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ بہ چيلهار جا آهن.