چوڏهن شھيد

چوڏهن شھيد: بلاولي تحريڪ دوران مخدوم بلاول جي شهادت واري سانحي جي شھيدن جون هي قبرون، دادو شھر جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي پڪي روڊ سان دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ قبرستان ۾ واقع آهن. زميني سطح کان 6 فوٽ مٿي ٺهيل ٿلهي تي موجود هنن قبرن مٿان ڪچو ڇپرو ٺهيل آهي. هنن قبرن لاءِ روايت آهي تہ سنڌ تي ڪاھہ ڪندڙ ارغونن ڌارين سان وڙهندي شھيد ٿيندڙ سورهين جون آهن. هي سڀ شھيد هڪ ئي ذات جا هئا، ان ڪري هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا. قبرن جي مرمت وقت بہ وقت ٿيندي رهي ٿي، جنهنڪري اهي سالم حالت ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو