چنھڙ دڙو: تعلقي وارھہ جي شھر نصير آباد ٻاھران وڳڻ- نصيرآباد روڊ تي هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هڪ دڙو آھي، جنهن کي چنهڙ دڙو سڏيو وڃي ٿو. ھتان مٿاڇري تان ملندڙ وٿون اسلامي دور جون آھن، جن ۾ ٺڪراٺو، ڀڳل ٿانو، رانديڪا، چوڙين جا ٽڪر ۽ ٽامي جا ڪٽيل سڪا اچي وڃن ٿا. ھيٺ کوٽائي ٿيل نہ آهي. مقامي ڳوٺ وارن ھتي قبرستان ٺاھي ڇڏيو آھي ۽ اهي قبرون گهڻو ڪري پٿرن جي ڍير وانگر آھن.
چَنيجا: هڪ ذات جو نالو. تعلقي موري ۾ هڪ ديھہ ۽ ڳوٺ بہ چنيجا نالي سان آهي. سنڌو درياھہ جو هڪ پتڻ بہ چنيجن جي نالي سان هو. اُن شھر بابت هڪ پهاڪو مشھور آهي تہ ”چَٽِي چنيجن جي، وڃي پُرڻ تي پيئي.“ چنيجا ۽ پُرڻ، تعلقي موري جا ڳوٺ آهن، جيڪي هڪٻئي جي ويجهو آهن. ڪنهن زماني ۾ چور چنيجن ۾ ڦُر ڪرڻ آيا، پر ڀُلجي وڃي پُرڻ ڳوٺ پهتا ۽ اُتي ڦُر ڪر موٽيا. اُن تان هي پهاڪو ٺهيو.