
چنڊ جون ڪلائون
چنڊ جون ڪلائون (ڪتاب): شاعر ‘انور هالائيءَ’ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري پاران 1992ع ۾ ڇپيل آهي. انور هالائيءَ هن شعري مجموعي جو انتساب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي نالي ڪيو آهي. ابتدا ۾ پهرئين صفحي تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ انور هالائيءَ جو تعارف لکيو آهي. ان بعد ڇپائيندڙ پاران ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري امداد حسينيءَ جو پبلشر نوٽ ۽ پنھنجي پاران ٻہ اکر انور هالائيءَ جا ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو تفصيلي پيش لفظ شوڪت ابڙي لکيو آهي. ڪتاب ۾ حمد، نعت، منقبت سان گڏ نظم، لطيف نامه، ڪافيون، قطعا، غزل شامل آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل تعارف ميان ﷲ بچائي يوسف زئيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي 344 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 125 روپيا آهي.