چنيسر

چنيسر: I620 ھہ 1223ع - 625ھہ 1228ع چنيسر نالي سومرو سردار ديبل جي تخت تي ويٺو. هي اُهو دور هو، جڏهن جلال الدين خوارزم شاھہ، چنگيز خان کان شڪست کائي ننڍي کنڊ جو رخ ڪيو هو. خوارزم شاھہ جڏهن لاهور پهتو تہ التمش کيس پناھہ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو، ڇو تہ چنگيزي لشڪر سندس پيڇو ڪندو پئي آيو ۽ التمش خطرو محسوس ڪيو تہ چنگيز خان لاهور مان دهليءَ ڏانهن نہ رخ ڪري. ان ڪري جلال الدين خوارزم شاھہ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. هن پهريائين ملتان ۽ اُچَ کي لٽيو ۽ ڦريو. ان کان پوءِ بکايل شينهن وانگر سڄيءَ سنڌ کي خون ۾ رنڱي ڇڏيائين. جڏهن هو ديبل پهتو تہ چنيسر مقابلي جي سگهہ نہ سمجهي، اهل و عيال ۽ خزانو کڻي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي ڪنهن ڏورانهين سامونڊي ٻيٽ ڏانهن هليو ويو. جلال الدين خوارزم شاھہ ديبل کي اچي لُٽيو. هن ديبل ۽ دمريلا جا خوبصورت شھر ۽ آسپاس جا ڳوٺ ۽ بستيون لُٽي تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيون. هو ڪافي وقت لاءِ ديبل ۾ رهيو. ان دوران هن سنڌ جي پاڙيسري ۽ مددگار رياست گجرات تي بہ لشڪر ڪشي ڪئي، ڇاڪاڻ تہ کيس شڪ هو تہ سومري حاڪم چنيسر گجرات ۾ پناھہ ورتي آهي. ديبل ۾ رهائش وقت هن هڪ ديول کي ڊهرائي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. جڏهن سندس فوج گجرات کي ڦري لٽي واپس ديبل پهتي تہ کيس اطلاع پهتو تہ چنگيزي فوج سندس ڳولا ۾ ويجهو اچي پهتي آهي. ان ڪري جلال الدين خوارزم شاھہ مڪران جي رستي ڪرمان روانو ٿي ويو. سندس واپسيءَ کانپوءِ چنيسر واپس ديبل موٽي آيو. جلد ئي التمش جي سپھہ سالار نظام الملڪ جنيدي ديبل تي حملو ڪيو. چنيسر ملڪ کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ جنيديءَ سپھہ سالار آڏو پيش پيو ۽ التمش جي درٻاري اميرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. مولانا ابوالظفر ندويءَ جي راءِ آهي تہ چنيسر يا تہ خانہ جنگيءَ ۾ مري ويو يا وري ان ٻيٽ تي (جتي هو جلال الدين خوارزم کان ڀڄي وڃي رهيو هو). ڪجهہ وقت گذرڻ کانپوءِ مري ويو هوندو. بهرحال چنيسر 625ھہ/ 1288ع تائين ملڪ سلطان الدين چنيسر جي لقب سان حڪومت ڪئي. ايم. ايڇ. پنهور پنھنجي ڪتاب ’سومرا ڪنگڊم آف سنڌ‘ ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: ”چنيسر-I، 620 ھہ/ 1223ع کان 625 ھہ/ 1228ع تائين حڪومت ڪئي. جنهن کانپوءِ کينئڙي سومري جو دؤر آيو، پر کينئڙي کانپوءِ وري چنيسر اول، 634ھہ/37-1236ع تائين ڪجهہ سالن لاءِ حڪومت ڪئي.“ ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ چنيسر نالي ٽن حڪمرانن نه، بلڪہ ٻن حڪمرانن حڪومت ڪئي.


لفظ چنيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو