
چندن
چندن (Sandal Wood): هڪ وچولي قد جو وڻ آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ’صندل‘ چئبو آهي. گجراتيءَ ۾ هن کي ’سکنڊ‘ چون ٿا، جنهن جو سنڌي اُچار ’سرکنڊ‘ آهي، جيڪو لفظ شاھہ لطيف سُر مومل ۾ بہ ڪم آندو آهي:
’آءُ راڻا رھہ رات، تنھنجي چانگي کي چندن چاريان‘
چندن جي ڪاٺي سرهي ٿيندي آهي. هندي، پارڪري ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ چندن جو خوب ذڪر ڪيو ويو آهي:
چندن اُگو بن ڀيڙ ۾، رونکي هئي من آس،
مي ڀي چندن بڻيسان، چندن سڳنڌي واس.
(ڪبير)