
چـنـدن گل ٻُوٽِي
چـنـدن گل ٻُوٽِي (Evening Prime Rose, Evening Star Moon flower): لاطينيOenotherabiennis آڪھہ onagraccae وارو هي ٻوٽو اصل آمريڪا ۾ ٿيندو آهي، پر پاڪستان توڙي سنڌ جي نرسرين ۾ بہ عام ملي ٿو. هي ٻوٽو ڇھہ ماهي ٿيندو آهي، جيڪو 90 کان 120 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي. هن ٻوٽي جا گل هيڊا ۽ پن ساوا، ڊگها ۽ ويڪرا ٿين. حڪيمن جو چوڻ آهي تہ هن جون پاڙون يا ٽاريون ڪـاڙهـي مـاکـيءَ ۾ مـلائـي شـربـت ٺـاهـي پيـارڻ سـان کنگهہ ختم ٿي وڃي ٿي. هن جي ٻجن جي تيل ۾ چرٻيءَ وارا جــز هـوندا آهن، جيڪـي چمڙيءَ کي نرم ۽ خوبصورت ڪن ٿا.هن جو تيل پيئڻ سان وزن گهٽ ٿئي ٿو ۽ بلڊ پريشر گهٽائي ٿو.