عمران چنا

عمران چنا

چنا عمران

چنا، عمران: بين الاقوامي شھريت رکندڙ سنڌ ڄائو مصور، عمران چنا، 21 سيپٽمبر 1981ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. 1998ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس جي شعبي مان هن گريجوئيشن ڪئي. نامور مصور فتاح هاليپوٽي کان مصوريءَ ۾ سکيا ورتائين. سندس شاگرديءَ ۾ هن ٽن سالن تائين گهڻو ڪجهہ پرايو. ان کانپوءِ هن لاهور جي مصوري جي مشھور ڪاليج نيشنل ڪاليج آف آرٽس مان ويزوئل آرٽس پروگرام ۾ ايم. اي ڪئي. هن وقت لاهور جي ساڳئي ڪاليج ۾ استاد آهي. هي مصوري، مجسمه سازي، ڊجيٽل ۽ انٽر ايڪٽو آرٽس ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي. عمران چنا جو مصوريءَ ۾ ساراهڻ جوڳو ڪم لڪ لڪوٽي آهي، جنهن ۾ 12 تصويرون آهن. بادشاھہ نامو، يادگيريون وغيرہ سندس اهم ڪم آهي. بادشاھہ نامي ۾ 50 عڪسي تصويرون آهن، جيڪي گهڻو ڪري مغل بادشاهن جي حياتيءَ سان تعلق رکن ٿيون. هن ۾ مغل بادشاھہ جھانگير جي دور جا اهم عڪس چٽيل آهن. هن جي فن جون ملڪ ۾ توڙي ملڪ کان ٻاهر ڪيتريون ئي نمائشون لڳي چڪيون آهن ۽ ڪيترائي اوارڊ مليا آهن. سڀ کان اهم اوارڊ کيس سوويررين ايشين آرٽ پرائيز هانگ ڪانگ مان 2010ع ۾ مليو. سندس فن جي نمائش ڪيترين ڏيهي توڙي پرڏيهي گئلرين ۾ ٿي چڪي آهي. هن فن جي حاصلات لاءِ نہ رڳو پاڪستان، پر يورپ جي ملڪن ۾ مصورن سان ملي هتي واپس اچي مصوريءَ ۾ نون لاڙن کي پنھنجي آرٽ ذريعي متعارف ڪرايو آهي. اڄڪلھہ هو Museums and Meaning نالي پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ لاهور ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.09.21  عيسوي

بين الاقوامي شهريت رکندڙ سنڌ ڄائو مصور، عمران چنا، 21 سيپٽمبر 1981ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خلجي نعمت
رافيل
شرجيل فتاح هاليپوٽو
زبيدہ آغا
حفيظ ﷲ کوهارو
عبدالسميع دهلوي
رضوان عمراڻي
سعيد علي وارثي
رشيد علي وارثي
چغتائي عبدالرحمان
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون