سليم چنا

سليم چنا

چنا سليم

چنا، سليم: مشھور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، 5 اپريل 1954ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 1979ع ۾ بي. اي ڪئي ۽ 2003ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن ٽائيپ رائيٽنگ، ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، سوائل واٽر گريول اناليز ليبارٽري ’ڊرپ‘ لطيف آباد آفيس ۾ انگريزن سان گڏ ڪيو. اڪائونٽنگ ۽ آڊيٽنگ سميت مختلف ڪورس بہ ڪيا. ننڍپڻ کان مختلف ملازمتون ڪندو رهيو. 1975ع ۾ ڪجهہ مهينا داروغو رهيو. مختلف ڊاڪٽرن وٽ ڊسپينسر طور بہ ڪم ڪيائين. 1984ع ۾ کيس ڪسٽم، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز پوليس ۾ ڪسٽم انسپيڪٽر جي نوڪري ملي. هن وقت اتي ڊپٽي سپريڊينٽ آهي. سليم چنا ننڍپڻ کان لکڻ جي شروعات ڪئي. شاگرد سياست توڙي ادبي تنظيمن سان وابستہ رهيو آهي. هن شاعريءَ کان سواءِ مضمون، ڪهاڻيون، مقالا، جيون ڪٿائون، شخصي پروفائيل، اکين ڏٺا احوال، صحافت ۽ ناولن تي بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪجهہ مهينا نامياري شاعر نياز همايونيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ مرڪزي اردو بورڊ جي لائبرريءَ، حيدرآباد ۾ ڪلارڪ ٿي بہ ڪم ڪيائين ۽ 70ع واري ڏهاڪي کان اُتي ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنهنجون نڪور تخليقون پيش ڪيائين. ملازمت دوران کانئس شعر جي اصلاح ورتائين. سليم چنا سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. هن اسٽيج اداڪار طور بہ پنھنجي صلاحيتن جو استعمال ڪيو آهي. کيس ڪيترين تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن.
سليم چنا جاکوڙي ۽ ساده مزاج اديب آهي. هن پنهنجا سڀ ڪتاب پنھنجي خرچ تي شايع ڪرايا آهن. ساڃھہ وند دوستن ۽ لائبررين کي سوکڙيءَ طور مفت ڏيندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ حيدرآباد شاخ جو ٻہ دفعا سيڪريٽري ۽ ڪيترائي ڀيرا عهديدار بہ رهيو آهي.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) سج منهنجي هٿن ۾ (ڪهاڻيون: 1995ع)، (2) زنـدگــي (ڪهاڻيون: 1996ع)، (3) روشـنــي (ڪهـاڻـيـون: 1997ع)، (4) صحرا جو چنڊ (ڪهاڻيون: 1998ع)، (5) آوارہ آواز (شاعري: 1999ع)، (6) اڌورا خواب (ڪهاڻيون: 2005ع)، (7) سحر (ناول: 2007ع)، (8) برسات (ناول: 2008ع)، (9) گم ٿيل ماڻهو (ناول: 2009ع)، (10) کيت خواب جھڙا (ناول: 2009ع)، (11) نيڻ نهار (وايون: 2009ع)، (12) قيدي پکي (نثري نظم: 2010ع)، (13) سنڌوءَ ڪناري (نثري نظم: 2010ع)، (14) اسين اڃا سوچيون ويٺا (نثري نظم: 2010ع)، (15) ڏاها منهنجي ڏيھہ جا (جيون ڪٿائون، خاڪا، تعارف: 2010ع)، (16) آسماني ستارو (شاعري، ڪهاڻيون، تبصرا: 2011ع)، (17) شينهن بنا ٻيلو (ڪهاڻيون: 2011ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.04.05  عيسوي

مشهور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، 5 اپريل 1954ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الطاف جوکيو ڊاڪٽر
حسن عابدي
فتاح ملڪ
رياضت ٻرڙو
ڄيٺو لالواڻي
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
جئسنگهاڻي شيام
پروين موسيٰ ميمڻ ڊاڪٽر
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
شاھہ بليغ الدين
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون